• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / اڱارو 03 مئي 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* مخالفن کي سال 2018 کانپوءِ به انتظارڪرڻو پوندو: نواز شريف (خبر)
* * پنجاب جو وزيراعظم! پهريان پنهنجو مُدو ته پورو ڪري، پوءِ ٻٽاڪ هڻي (تبصرو)

* سمنڊ جي سطح وڌڻ لڳي، ڪراچي ٻڏڻ جو خطرو(خبر)
* * ڪراچي تي اردو پريس کي مرچون لڳنديون، اڳ ۾ سمنڊ پائڻ تي بيخبر هئا (تبصرو)

* ڪراچي ـ لاهور موٽر هاءِ ويز جي اڏاوت ۾ 14 ارب روپين جي ڪرپشن (خبر)
* * پنجاب جو وزيراعظم نواز شريف ”زندهه آباد“ (تبصرو)

* ٿر ۾ 89 سيڪڙو آبادي خوراڪ جي کوٽ جو شڪار(خبر)
* * قائم علي شاهه کان پڇبو ته چوندو11 سيڪڙو آبادي پوءِ به عيش ڪري ٿي(تبصرو)

* آصف زرداريءَ جي ڳوٺ ۾ بيروزگار نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو(خبر)
* * ويچاريَ وٽ، عورت سياستدان کان نوڪري خريد ڪرڻ جا ڏوڪڙ نه هوندا (تبصرو)

* سک جي پڳ جي توهين ڪرڻ تي، پنجاب ۾ 6 مسلمانن تي مقدمو (خبر)
* * هر مذهب جو احترام ڪرڻ ضروري آهي (تبصرو)

* 9014 واپارين 85ڪروڙ ڏئي 85 ارب روپيا ڪارو ڌن سفيد ڪرايو(خبر)
* * پنجاب جي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ڪُٽنب جا ”پئون ٻارهن“ (تبصرو)
 
Back
Top