مزدورن جو عالمي ڏينهن پيهرين مئي..

'مختلف موضوع' فورم ۾ شيرين طرفان آندل موضوعَ ‏3 مئي 2016۔

  1. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,569
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    اڄ پوري دنيا ۾ شڪاگو جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو، پوري دنيا جي ترقي و تعمير ۾ پورهيت وڏو مقام رکن ٿا، پورهيتن جي جدوجهد ۽ پنهنجي حقن لاءِ بغاوت ڪرڻ وارو 1 مئي وارو ڏينهن تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو، 1 مئي 1886ع اهو ڏينهن هو جڏهن پوري آمريڪا جي پورهيت طبقي ۽ شڪاگو جي ماڻهن بغاوت جو جهنڊو لهرايو ۽ روڊن رستن تي نڪري پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ آواز اٿارڻ لڳا. هن مظاهرن ۾ سڀ کان اڳڀرا شڪاگو جا ماڻهو هئا، هي ڏينهن پوري دنيا ۾ شڪاگو جي ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪندي وڏي جوش و جذبي سان ملهايو وڃي ٿو. تاريخ جي عظيم بغاوت هئي جنهن ۾ هزارين پورهيتن جي شهيد ٿيڻ کانپوءِ به مزدور طبقو پوئتي نه هٽيو ۽ پنهنجي حقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ آواز ٿي پيو، سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته آخر اهڙا ڪهڙا سبب هئا جنهن ڪري مزدورن پنهنجو آواز بلند ڪيو ۽ امير طبقي خلاف بغاوتون ڪرڻ لڳا، آخر سرمائيدارن اهڙو ڪهڙو سلوڪ ڪيو جو انهن خلاف هزارين مزدور هڪ آواز بڻجي اڀريا؟ حقيقت هي آهي ته مشيني دور ( صعنتي دور) کان اڳ ماڻهو پنهنجا ڪم پاڻ ڪندا هئا، انهيءِ دور گڏيل اشتراڪيت وارو دور چيو ويندو آهي، جنهن ۾ ذاتي ملڪيت جو تصو ر نه هو، ماڻهو نه ڪنهن جا غلام هئا نه ئي وري ڪو امير طبقو هوندو هو. ضرورتن جون شيون گهرن ۾ هٿ سان ٺاهيون وينديون هيون. مٽيءَ جا ٿانوءَ پاڻ ئي ٺاهي وڪرو ڪيا ويندا هئا ڪپڙا پاڻ ئي ٺاهي وڪرو ڪيا ويندا هئا. مطلب ته جيڪو کيڙو سو کائي، ماڻهن جون ننڍيون ننڍيون ضرورتون هونديون هيون جيڪي هو پاڻ ۾ئي پوريون ڪري ڇڏيندا هئا، انهيءِ ڪري هر گهر جون ضرورتون پوريون ٿي وينديون هيون،سترهين ۽ ارڙهين صدي جي وچ ڌاري صعنتي انقلاب برپا ٿيو جنهن پوري دنيا جو رخ موڙي ڇڏيو ۽ شهرن جا شهر تيزي سان آباد ٿيندا ويا، لکين ماڻهن ٻهراڙين کان شهر طرف هجرت ڪئي، ٻن ڏينهن ۾ ٿيندڙ ڪم اڌ ڪلاڪ ۾ ٿيڻ لڳو. ۽ امير طبقو صعنتون لڳائي وڌ کان وڌ ڪمائڻ لڳو. فيڪٽرين اندر تيزي سان سامان ٿيڻ لڳو ۽ اهو ايترو جهجي انداز ۾ تيار ٿيو جو وٺندڙ جي ضرورت کان وڌيڪ به سامان بچي پئي ويو، فيڪٽرين اندر هزارين جي تعداد ۾ ملازم رکيا ويا ۽ هڪ سرمائيدارنه سسٽم وجود ۾ آيو، مطلب ماڻهو جاگيرداري کان سرمائيدار نظام ڏانهن منتقل ٿيو، پئسي جي حوس سرمائيدارنه نظام جو بنياد جز آهي، انهيءِ جز ڪري فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ ملازمنن کان ارڙهن ارڙهن ڪلاڪ ڪم ورتو ويندو هو، ليو ٽالسٽائي انهن مزدورن جي حالت زار تي “ نيٺ ڇا ڪجي” جهڙو عظيم ناول لکيو جنهن ۾ ان وقت جي مزدورن جي حالت چٽي نموني ظاهر ڪئي وئي آهي، مزدورن جديد قسم جا غلام هئا، کين رهائش، صحت ۽ تعليم جو سهولتون ميسر نه هيون، ايترو اجورو ڏنو ويندو هو جو هو صرف پيٽ ڀري سگهن، ارڙهن ارڙهن ڪلاڪ مزدوري ڪرڻ وارو گهڻو وقت ڪم ڪرڻ سبب پنهنجي صحت خراب ڪري ويهندو هو ۽ پوءِ ان انسان ۾ وري ڪم ڪرڻ جي به قوت ختم ٿي ويندي هئي ايترو به نه ڪمائي سگهندو هو جو پنهنجو ڪو علاج ڪري سگهي ۽ ڏينهن به ڏينهن مزدور بيمارين جو شڪار ٿيندو ويو، مزدور تاريخ جي بدترين دور مان گذري رهيا هئا، سرمائيدارن ۽ ڪارخانيدارن جي اها وڌ کان وڌ ڪوشش هوندي هئي ته هو وڌ کان وڌ ڪمائي جنهن سبب هو مزدورن کان گهڻو ڪم وٺڻ لڳا، سٺي تعليم سٺي صحت. سٺي کاڌ خوراڪ ۽ سٺي رهائش جهڙي زندگي سندن لاءِ خواب هئي، انهن جون بنيادي ضرورتون پوريون نه ٿي سگهنديون هيون. بنيادي ضرورتن جي پورائي لاءِ جڏهن فيڪٽري مالڪن کي عرض ڪيو ويندو هو ته مزدورن کي فيڪٽرين مان ڪڍيو ويندو هو. سڪون واري زندگي انهن لاءِ هڪ خواب بڻجي وئي هئي. آخرڪار مزدورن ان ظالم سرمائيدار نظام خلاف بغاوت ڪئي، هڙتالون، جلسا، مظاهرا ڪرڻ شروع ڪيا ويا، جنهن جو نتيجو هي نڪتو جو هڙتالون ڪندڙن کي وڌيڪ پئسن جي لالچ ڏئي انهن کي مزدوري ڪرائي ويندي هئي ۽ انهن کان اڃا به ٻيڻو ڪم ورتو ويندو هو. اهي سڀ نا انصافيون ڏسي مزدورن ۾ ٻڌي ٿي وئي ۽ انهن جون جماعتون ٺهڻ لڳيون انهن هڪ ٿي نئين بغاوت کي جنم ڏنو جيڪا 1 مئي جي تاريخ تي شروع ٿي. 1 مئي جو سج اڀرڻ سان آمريڪا توڙي شڪاگو جي ماڻهن ڪم بند ڪري ڇڏيو ۽ هڙتالون شروع ڪرڻ شروع ڪيون ويون، مزدورن جي وچ ۾ هر قسم جا ويڇا اختلاف ان ڏينهن پيار ۽ محبت ۾ تبديل ٿي ويا جڏهن هو هڪ ئي ميدان ۾ لهي آيا. هن جنگ ۾ شڪاگو جي ماڻهن وڏي چاهه سان حصو ورتو ، ٽيهه لک ماڻهن جو هجوم بغاوت جو جهنڊو لهرائيندا پنهنجا حق گهري رهيا هئا. سرڪار کي اها ڳالهه نه پسند اچڻ سبب سرڪار جي حڪم سان انهن مزدورن تي گولين جو وسڪارو ڪيو ويو ۽ بي قصور مزدورن جي نڙين مان گوليون گذرنديون رهيون ان وقت شڪاگو جا روڊ رت ۾ ڳاڙها لال ٿي ويا، مزدورن پنهنجي ڪپڙن تي اهو رت لڳائي انهن مان جهنڊا ٺاهي لهرايا. اڄ به مزدور طبقي جو جهنڊو ڳاڙهي رنگ جو ان سبب جي ڪري آهي. ڪيترن ئي مزدورن جي شهيد ٿيڻ باوجود پورهيت پوئتي نه هٽيا پوءِ به سرڪار ڪيترن ئي مزدورن کي گرفتاري ڪري ورتو ۽ ڪيترين ئي مزدورن کي ڦاهيءِ تي چاڙهيو ويو ۽ اهي خوشنصيب مزدور حق جي راهه ۾ شهادت ماڻي ويا ۽ پويان هر مزدور لاءِ مثال بڻجي ويا، انهن جي بنيادي گهرج هي هئي ته 16 يا 18 ڪلاڪن ڪم ڪرڻ جي بدران اسان کان 8 ڪلاڪ جو ڪم ورتو وڃي ۽ اسان جي مزدوري وڌائي وڃي. سرمائيدارن سوچيو ته هنن جو هي مطالبو قبول نه ٿيندو ۽ هي ائين ئي ڪم ڪندا رهندا ۽ ٿوري رقم ۾ راضي ٿي ويندا پر شايد اها انهن جي وڏي ڀُل هئي. 128 سال اڳ شڪاگو ۾ سرمائيدارن جي جبر خلاف اٿندڙ پُرامن آواز جي طاقت رائيگان نه وئي تمام وڏين مشڪلاتن کان پوءِ آخر ڪار دنيا کي اهو مطالبو قبول ڪرڻو پيو ۽ مزدورن جي حقن کي تسليم ڪري 16 يا 18 ڪلاڪن جي ڪم بدران 8 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جو اصول مقرر ڪيو ويو. اڄ به سڄي دنيا جا مزدور ۽ پورهيت شڪاگو جي جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪري 1 مئي جو ڏينهن وڏي احترام سان ملهائين ٿا. پاڪستان ۾ مزدور پاليسي جو آغاز 1972ع ۾ ٿيو ۽ 1 مئي کي قانوني طور تي مزدور ڏينهن ڪري ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اڄ پاڪستان انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن جو ميمبر آهي جنهن جو مقصد مزدورن کي معاشي حق ڏيڻ ۽ انهن کي سندن حقن جي باري ۾ آگاهه ڪرڻ آهي. اسان جي زندگي ۾ پورهيت تمام گهڻو اهم ڪردار ادا ڪن ٿا ڏٺو وڃي ته اسان جيڪو پايون ٿا سان جيڪو کائون ٿا اسان جن گهرن ۾ رهون ٿا سان جي ننڍڙي کان ننڍڙي شيءِ جيڪا اسان روزمره جي زندگي ۾ استعمال ڪيون ٿا اها هر شيءِ مزورن جي هٿن جي ٺهيل آهي،. نه ته اڄ جو انسان عياشي جي زندگي بسر ڪري ٿو ان کان ڪٿي ٿو پڄي جو هو ڀاڄيون پٽي پوءِ اچي کائي ان کي جهنڊ سان پيهي پوءِ ماني پچائي گهر پنهنجي هٿن سان اڏي پوءِ انهن ۾ رهائش ڪري ڪپڙو پنهنجي هٿن سان ٺاهي پوءِ پائي. اهو ٿورو نه پر تمام گهڻو مشڪل آهي هن عام انسان لاءِ. پر سلام آهي ان مزدور کي جيڪو پوري ڪاڙهي تپيل ڏينهن جو ڀريل تغاريون مٿي تي کڻي ٿو تپيل گرمي ۾ ٻني جو ڪم ڪري ٿو چاهي ڪيتري به گرمي ڇو نه هجي پر هو پنهنجي ڪم ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا به لاپرواهي نٿو ڪري ۽ هميشه اجوري ملڻ جيترو ڪم ڪري ٿو ۽ ان انسان تي ٿڪاوٽن جا پهاڙ ٽٽي پون ٿا پر پوءِ به مزدور طبقو پنهنجو ڪم ساڳئي ئي ترتيب سان سرانجام ڏيندو اچي ٿو. حصرت محمد صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته پورهيت الله جو دوست آهي يعني اسلام ۾ پورهيت کي وڏو مان حاصل آهي يقيناََ اهو ان مان عزت ۽ شان جو حقدار آهي. اسان کي گهرجي ته مزدورن جي دل سان عزت ڪيون ۽ سندس حقن لاءِ جدوجهد ڪيون، ڇاڪاڻ ته جنهن بنگلن ۾ وڏا وڏا ماڻهو رهائش ڪن ٿا اهي به انهن مزدورن جا ئي ٺهيل آهن جنهن ڪرسين تي آفيسر پنويهن ااٿا اهي ڪرسيون به انهن مزدورن جون ئي ٺهيل آهن. جو اسان جي زندگي ايتري قدر آسان ٿي وئي آهي. اسان جي هن پُر سڪون ۽ خوشحال زندگي جو سبب هنن مزدورن جي محنت آهي
     
    محسن شر، عبدالغني لوهار ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو