نور احمد جنجهي : الا! جُنگَ جِيَنِ…

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 مئي 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    نور احمد جنجهي : الا! جُنگَ جِيَنِ…

    ڊاڪٽر شير مهراڻي


    صبح جو سوير جيئن ئي ليپ ٽاپ کولي سامهون رکيم ته روميءَ جون هي سٽون آجيان ڪري رهيون هيون.
    ” Everyone sees the unseen in proportion to the clarity of his heart, and that depends upon how much he has polished it. Whoever has polished it more sees more - more unseen forms become manifest to him. “
    يعني هرڪو ماڻهو دل جي سچائي ۽ روشني آهر اڻڏٺل شيون ڏسي ٿو ۽ پوءِ اهو مٿس ئي انحصار ڪري ٿو ته هو ڏٺل شين کي ڪيئن ٿو سنواري، ۽ جيڪو سنواري ٿو اهو وڌيڪ اڻڏٺل شيون ڏسي ٿو ۽ پوءِ مٿس شيون وڌيڪ واضح ٿين ٿيون.
    اهڙا ڏاهپ جا انمول هيرا روزانو شيئر ڪندڙ اسان جو پيارو پروفيسر نور احمد جنجهي آهي. جنجهي صاحب سان منهنجون ڪيتريون ئي ملاقاتون آهن. مونکي سندس جن ڳالهين متاثر ڪيو آهي؛ اهي آهن سندس مڪمل متحرڪ رهڻ ۽ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو شوق ۽ عملي ڪوششون. هو جتي به رهيو آهي، اتي ڪو نه ڪو ميلو مچائي ئي رکندو آهي. بلڪل اياز جي هنن سٽن وانگر ته،

    ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا
    گهايل ڌرتيءَ جي سيني جي
    اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا،
    جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي،
    جا دنيا کي بدلائي ٿي.

    ته جنجهي صاحب جي ذات به هڪ تاريخ آهي، جيئري جاڳندي تاريخ، جنهن ۾ ٿر ته ڇا پر سموري سنڌ سمايل آهي، هن جي شعرن مان ٿر سان گڏ سموري سنڌ بلڪه ڪائنات جو اڀياس ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو انسانيت جو شاعر آهي، انسان جو شاعر آهي.
    ڪراچيءَ ۾ اڪيڊمي آف ليٽرس جو ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر ٿي آيو ته اداري ۾ جهڙوڪر نئون روح ڦوڪي ڇڏيائين. هر وقت ڪو نه ڪو پروگرام، ڪانه ڪا ڊسڪشن، ڪا نه ڪا رٿ، ڪا رٿا، ڪو ڪم، ڪو پروجيڪٽ يعني ڪجهه نه ڪجهه ڪندي نظر آيو. اردوءَ وارن کي پنهنجي محبتي انداز سان جيترو ويجهو جنجهي صاحب آندو شايد ئي ڪنهن آندو هجي. سندس ٻي خوبي اها به هئي ته هو پروگرام ۾ پاڻ تمام گهٽ انوالو ٿيندو آهي، ڄڻ ته هو فاصلي تي بيهي ٻين جي صلاحيتن کي آزمائيندو هجي، پوءِ جي ڪٿي ڪا اڻبڻت ٿيندي محسوس ڪندو هو ته پاڻ اچي ان جو حل ڪڍي وٺندو هو.
    سندس ڪمن جي طويل فهرست هميشه سندس ٽيبل تي ڏسي سگهبي هئي. ٿر ۾ هر هفتي ڀٽائيءَ جي فڪر کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڙان وڙان پاڻ خرچ پکا ڪيون پاڻ ئي ليڪچر ڏيندو نظر پيو ايندو. سندس اهو ڪم پڻ تمام گهڻو اهم آهي ته هو ڀٽائي جي فڪر کي جديد انداز ۾ پيش ڪري رهيو آهي. توڙي جو هو هن وقت ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي، پر ممڪن آهي منهنجي هيءَ تحرير ڪنهن اهڙي هنڌ پهچي جتي جا ماڻهو جنجهي صاحب جي ذات کان گهڻا واقف نه هجن انهن لاءِ هي چند سٽون ڪا نئين شئي هجن، ڇاڪاڻ ته ڪجهه سال اڳ آئون پڻ سندس ڪم کان ته گهڻو واقف هئس پر سندس ذات کان گهڻو واقف نه هئس، سندس زندگيءَ جي خاڪي جو مختصر تعارف ڪجهه هن طرح آهي ته، ٿر سا تعلق رکندڙ هي ناليوارو محقق، اديب ۽ استاد جنهن کي پروفيسر نور احمد جنجهي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو سو اصل ۾ مٺيءَ جي ڳوٺ وڪڙيي ۾، 30 نومبر 1968ع تي ٿر جي هڪ بهترين لوڪ شاعر، ڏاهي، ماهر بشريات ۽ حڪيم، مرحوم غلام محمد جنجهيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان پرائي. ۽ ثانوي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول مٺيءَ مان حاصل ڪيائين. 1996 ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ فرسٽ ڪـلاس، سـيـڪـنـڊ پـوزيـشـن سـان ايم. اي پاس ڪري، 1997ع ۾ ليڪچرار ڀرتي ٿيو. هن سنڌي ادب ۾ ماسٽرس سان گڏ سنڌ يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڊويزن ۾ ايم. ايڊ ۽ ايل. ايل. بي جو امتحان به پاس ڪيو. مٺي ۽ گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري، حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف ڪاليجن ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ سان گڏوگڏ، نئين ضلعي حڪومتي سرشتي هيٺ ضلعي ٿرپارڪر جي پهرئين ائڊمنسٽريٽوِ آفيسر طور به ذميـواري نڀائي.ان کانـسـواءِ مشهور غيـر سرڪاري تنظيم سان گڏ باراني ڳوٺاڻن علائقن جي ترقيءَ توڙي سماجي جاڳرتا جي ڪافي پراجيڪٽن تي ڪم ڪيو ۽ ڳوٺاڻيون ترقياتي تنظيمون ٺاهڻ ۾ ڳوٺاڻن جي رهنمائي ۽ مدد ڪئي.

    پنهنجي تحقيقي مزاج سبب هن آڪسفرڊ يونيورسٽي پريس جي تيار ڪري ڇپايل ٻه ٻوليائي لغت جي ڪم ۾ به حصو ورتو آهي. مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس پر مغز مضمون ۽ مقالا ڇپجندا رهيا آهن. جن ۾ هو هڪ خبردار ۽ ڏاهي ماڻهوءَ وانگر نه صرف صورتحال ٻڌائيندي نظر اچي ٿو، پر هو پنهنجن مضمونن ۾ معاملن جو حل پڻ پيش ڪري ٿو، سندس اهائي اهم خوبي آهي، سندس ڇپيل ڪتاب پڻ ان جي شاهدي ڏين ٿا، جن ۾ هي ڪتاب شامل آهن.

    (1) سماجي جاڳرتا بابت مددي ڪتاب،

    (2) ڳوٺاڻن جي سيڙپڪاري فنڊ بابت مددي ڪتاب،
    (3) يونين ڪائونسل غربت گهٽايو رٿا بابت مددي ڪتاب،
    (4) مقامي سهڪاري تنظيم جي تنظيمي اوسر
    ان کان علاوه پروفيسر نور احمد جنجهي صاحب پنهنجي والد جو شعري مجموعو ’ويجها ٿيا وصال کي‘ (2010ع) پڻ سهيڙي ڇپايو آهي ۽ هن ڊاڪٽر ڪشني ڦلواڻيءَ جي لوڪ داستانن بابت هندي ڪتاب جو سنڌي ترجمو پڻ ڪيو آهي.
    مونکي ذاتي طور تي جنجهي صاحب جي ذات هڪ ادارو لڳندي آهي، جنهن وٽ ڪيتريون ئي رٿائون آهن، جن ۾ عام ماڻهن جو ڀلو شامل آهي، آئون کيس ڀٽائيءَ جو هيءُ بيت نذراني طور پيش ڪيان ٿو،

    الا! جُنگَ جِيَنِ، جِنين اَجهي گهارِيان،
    شالَ مَ سُڪي وِيرَي، جِئان پِيّ پِيَنِ،
    مَرڪَڻ اَکڙينِ، تو ڏِٺي مُن سُکُ ٿِيو

    (شاھ)
     
    Tanweer Ahmed، عبدالغني لوهار ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    سنڌي ادب کي سونهن ڏيندڙ ٿر جي مهان شخصيت اديب نور احمد جنجهي جنم ڏينهن [​IMG]

    ابراهيم لاشاري (وارهه )

    پنهنجي سونهاري سنڌ جو هر ڳوٺ وستي واهڻ اديبن سان ڀري پئي آهي مڱر اڄ هت اهڙي انمول شخصيت سنڌي ادب کي هميشه سونهن بخشيندڙ اديب ، ليکڪ ، لسانيات جو ماهر ، لطيف جو پارکو ، صوفي ازم جو ڪايل ، محترم نور احمد جنجهي صاحب سنڌ جي ٿڌي ۽ ٿرهائين وارياسيي مٽي تي قائم ڳوٺ‏ وڪڙيي جي عظيم شخصيت ٿر جي لوڪ ڏاهي شاعر محترم غلام محمد جنجهي جي گهر منجهه اڄ کان 50 سال اڳ سردي جي موسم منجهه 30 نومبر سال 1968ع ڇنڇر ڏينهن جنم ورتو پڙهيل لکيل خاندان جي هن ننيگر ابتدائي تعيم پنهنجي اباڻي ڳوٺ منجه حاصل ڪئي بعد ۾ مئٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان مٺي جي هاءِ اسڪول منجهان پاس ڪري وڏيڪ علم پرائڻ واسطي سنڌ يونيورسٽي ڏانهن قدم رکيائين نور احمد جنجهي صاحب يونيورسٽي منجهان سنڌي ادب واري شعبي سان سلهاڙجي ايم اي جي سند فرسٽ ڪلاس ۽ ٻيو نمبر کڻي حاصل ڪيائين ته والدين تمام گهڻا خوش ٿا سنڌ جي هن نامياري اديب شاعر لطيف سائين جي پارکو تعليم جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي پاڻ سنڌ يونيورسٽي منجهان ايم ،ايڊ ، ۽ قانون جي اعلي ڊگري ايل ايل بي پڻ وٺڻ ۾ ڪامياب ويو تنهن بعد هن ذهين اديب روزگار واسطي تعليم کاتي منجهه سال 1997ع ڌاري سلهاڙجي ليڪچرر طور پنهنجا فرض سرانجام ڏنا ، پاڻ سنڌ جي مختلف ڪاليجن مٺي ، ڪاري موري حيدرآباد ۽ ٻين ڪاليجن منجهه وڏي ايمانداري سان اڄ ڏينهن تائين مصروف عمل آهي نور احمد جنجهي صاحب کي اهو اعزاز پڻ حاصل آهي ته پاڻ نئين ضلعي حڪومت پرويز مشرف دور ۾ ضلعي ٿر پارڪر جو ايڊ منسٽريٽو آفيسر طور نهايت ايمانداري ۽ شگف سان پنهنجو فرض پورو ڪندو رهيو پاڻ نور احمد جنجهي صاحب هڪ انسان دوست صفت واري شخصيت طور ٿر جي ننڍن توڙي وڏن ڳوٺن شهرن منجهه سماجي طور خدمت جي جذبي سان هميشه اڳڀرو رهندي نظر آيو آهي نور احمد جنجهي صاحب ٿر ديپ غير سڪاري تنظيم سان پڻ سلهاڙيل آهن ان تنظيم جي تسلسل سان پاڻ ڳوٺاڻي ترقي وارن پراجيڪٽن وسيلي هميشه ٿر جي ڏورانهن علائقن جي مسڪين ماروئڙن جو آواز بڻجي مدد ڪندي نظر آيا آهن نور احمد جنجهي صاحب جي آءَ ڇا شخصيت جا رّ بيان ڪري سگهندس سندس شخصيت تي سموري زندگي جي هر رّ کي درسر نموني پرکڻ ڏکيو ٿي ويندو نهن ٿر جي انمول شخصيت تي ويهي هڪ بهترين ڪتان کي سنڌي ادب جي سونهن ۾ پڻ وڌارو ڪري سگهجي ٿو پاڻ علم ادب جا اڪابر طور سڄي سنڌ جي ادبي لڏي منجه نروار شخصيت آهن پاڻ رات ڏينهن سنڌي ادب جي خدمت ڪندي هن وقت تائين ٿڪاوٽ محسوس ناهن ڪري رهيا نور آهمد جنجهي صاحب جي سوين تحقيقي مضمون سنڌ جي سمورن اخبارن رسالن جي هميشه زينت بڻجندا رهن ٿا پاڻ مقالا لکڻ جو به ڪوڏيو اديب آهي نور احمد جنجهي صاحب ٿر جي تاريخ ۽ ثقافت ۽ سماجات ۽ لوڪ ادب ۾ بهترين ڄاڻ رکندڙ اديب ليکڪ ۽ شاعر پڻ آهن پنهنجي زباني ٿر جي بادلن سان نهايت شاعري واري زبان منجهه ڪهڙي نه بهترين ڳالهه ڪري ٿو پاڻ چوي ٿو ته

    ڪارا ڪارا بادلو

    پيارا پيارا بادلو

    اڄ پر ماتم آهيو

    پوءِ ڇو سالم آهيو

    کن پل ترسي پئو

    ۽ اڄ برسي پئو

    منهنجا مهمان ٿيو

    منهنجي محبت جا

    نت نرالا نشان ٿيو

    نور احمد جنجهي صاحب نهايت بهترين شخصيت جا مالڪ پڻ آهن پاڻ سنڌي ادب جي رات ڏينهن خدمت ۾ رڌل پڻ آهن سندس شخصيت جو اندازو انهن صنفن منجهان لڳائي سگهجي ٿو نور احمد صاحب نرم مزاج ، سادو ، فلڪيات جو ماهر ، لسانيات جو ڄاڻو ، علم پامسٽري جي بهترين جهجهي معلومات رکندڙ شخصيت ، شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح جي ڪلام جو بهترين ڄاڻو ، شاعر ڪبير ، بلهي شاهه ، سچل سرمت ، شيخ اياز ، سامي جي ٻولي جو پڻ ماهر ، جديد توڙي قديم زبانن ۾ تمام وڏي دست رس رکندڙ اديب پڻ آهن نور احمد جنجهي صاحب سنڌي ادب کي کوڙ سارن ڪتابن سان نوازيو آهي پاڻ نور احمد صاحب عربي ، اردو ، فارسي ، انگريزي ، ڍاٽڪي ٻولي منجهه لاجواب ڄاڻ رکندڙ واحد ٿر جا اديب آهن سندس جي شخصيت کي (ٿر جو انمول هيرو ) سڏجي ته انهي ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي نور احمد صاحب جا تازو ٻه بهترين ڪتاب ٿر جي ثقافت سماجات لاءِ هڪ بهترين تاريخي ڪتاب پڻ ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهتا آهن سندس شاعري جي ڪتاب (وڄي ٿو وجود ۾ ) سموري شاعري ۽ شخصت جو عڪس نمايا نظر اچي ٿو پاڻ هن وقت مٺي ڪاليج ۾ اسسٽنت پروفيسر طور فرض سرانجام ڏين پيا ۽ سنڌي ادب لاءِ پاڻ پتوڙين پيا دعا آهي ته هو هميشه اسان جي نوجوان نسل جي رهنمائي ڪندا رهن پاڻ اڄ پنهنجي 50 هين سالگرهه پنهنجي دوستن ادبي لڏي ۽ پروفيسرس ۽ گهر وارن سان ڪيڪ ڪاٽي ملهائيندو منهنجي سندس لاءِ دعا ته هو هميشه زندگي جا پل خوش گذارين آمين
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو