افسانو خواب ۽ اميد سڄي ڏينهن جي ڪمن کان واندي ٿي هوءَ پنهنجي بستري تي اچي ليٽي ئي هئي هئي ته هميشـ جيان ساڳيا خيال کيس گهيري ۾ وٺي ڇڏيو. اهي خيال جيڪي سندس سدا جا ساٿي هئا، جن جي ڪري هوءَ پورو ڏينهن جا ڪم ڪندي آساني سان گذاري ڇڏيندي هئي ته رات جو هن کي پنهنجي انهن خوابن جي صحبت نصيب ٿيڻ واري آهي..... اهي خواب جيڪي هن جي جيئڻ جو سبب هئا. ”سندس چپن تي اهڙي مسڪراهٽ اٌڀري ڄڻ هوءَ پنهنجي محبوب سان ملاقات ڪرڻ لاءِ وڃي رهي هجي. اکيون بند ڪري پاڻ کي ڪنهن ٻي دنيا ۾ محسوس ڪرڻ لڳي جتي هن پنهنجي چوگرد برف جا جبل ڏٺا پر هن جي سامهون هماليا جو اوچو پربت هو. جيڪو کيس هِن وقت پنهنجي منزل پنهنجو جنون پئي لڳو. هن ڪپهـ جهڙي نرم برف تي هلڻ شروع ڪيو. ٿڌ ۽ اڙهانگن رستن جي کيس ڪا پرواه نه هئي هن کي ته بس پهاڙ جي مٿاهين چوٽي تي پهچڻو هو جيڪا هن وقت هن کي پنهنجو جنون، پنهنجي منزل پئي لڳي. هن جون نظرون مسلسل سامهون بيٺل هماليا جي سڀ کان مٿاهين چوٽيءَ ۾ کتل هيون جيڪا اڃا پري هئي پر هن کي پوري اميد هئي ته هوءَ اتي ضرور پهچندي. هوءَ اڃا سجاڳ هئي پر لاشعور جيڪو سدائين کيس منزل تي پهچڻ کان اڳ ئي هن کي ننڊ جي وادي ۾ کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو هو تنهن سندس شعور تي حاوي ٿيڻ شروع ڪيو هو. هُن هميشـ اها ئي ڪوشش ڪئي ته هوءَ پنهنجي منزل تي پهچڻ تائين سجاڳ رهي سگهي پر ڪڏهن ائين نـ ڪري سگهي هئي. اڄ ته هن پاڻ سان گهڻا ئي واعدا وچن ڪيا هئا ته اڄ هماليا جي پريان چمڪندڙ سج سان اکيون ملائي ضرور ڳالهائيندي. پنهنجي منزل ڏانهن وڌڻ لاءِ هن تيز تيز قدم کنيا ٿي، هوءَ هڪ پل لاءِ بـ پنهنجي نظر ان خوبصورت چوٽيءَ تان هٽائڻ کان قاصر هئي جنهن هن کان دنيا جي ٻي هر شيءِ وساري چڏي هئي. ٻي طرف هن جو ذهن هن کي ننڊ لاءِ آزيون نيازيون ڪري رهيو هو پر هن بـ آڻ نٿي مڃي. هوريان هوريان هماليا جي چوٽي جي پاسن مان نڪرندڙ سج جا ڪرڻا هن جو چهرو چمڻ لڳا ته هن خوشي کي پنهنجي روح جي ذري ذري ۾ محسوس ڪيو. آخرڪار هوءَ پنهنجي محبوب منزل تي رسڻ واري هئي. سندس اکين ۾ فخريه مرڪ تري آئي ڇو ته هوءَ پنهنجي محبوب منزل تائين پهچڻ واري هئي. سج جي ڪرڻن هن جي دلربا چوٽي کي هن لاءِ سون سان سجائي رکيو هو.ائين لڳي رهيوهو ڄڻ هو بـ هن سان ڳالهائڻ لاءِ آتا هجن. کير جهڙي اَڇي ۽ خوبصورت ٽَڪري جنهن جي پاسن مان سج جي ڪرڻن جون شاخون نڪتيون ٿي سي کيس اڳيان وڌي ڀليڪار چئي رهيون هيون. “ايترو حسين استقبال!!” هن سوچيو سندس دل خوشيءَ ۾ ٽٻٽار ۽ مرڪ وڌيڪ گهري ٿي وئي. پُرجوش ٿيندي هن پنهنجا قدم اڳيان وڌايا. سندس ذهن لاشعور جي ڪري آهستي آهستي ننڊ جي اثر هيٺ اچڻ لڳو هو. هن جيئن پوءِ تيئن پنهنجا قدم تڪڙا تڪڙا اڳيان کنيا جنهن جي ڪري هوءُ پهاڙ جي ان چوٽي جي ويجهي پئي ٿيندي وئي، اها چوٽي جنهن تائين پهچڻ هميشه هن جي خواهش رهي رهي هئي جنهن جي تڪميل سندس خيالن ۽ خوابن ۾ ئي ممڪن هئي. سندس اهو عجيب و غريب خواب بس ڪجهـ ئي قدمن جي مفاصلي تي هو جو اچانڪ هن جو پير برف جي انتهائي نازڪ ٽڪري تي پئجي ويو... جنهن نـ صرف هن کي پوئتي ڪيرائي ڇڏيو پر هن جي ذهن کي بـ لاشعور کان شعور جي طرف واپس آڻي ڇڏيو. جتي آسمان ۾ چنڊ ته نـ هو پر تارا ڄڻ ته سندس اداسي کي محسوس ڪري وڌيڪ هيٺ لهي آيا هئا. “ٻي دفعي شايد مان پهاڙ جي ٻي پاسي کان بيٺل سج سان ڳالهائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃان...!” هن سوچيو ۽ ستارن تي هڪ ڀرپور مرڪ وجهي پنهنجي اکين ۾ اميد جو هڪ ڏيئو جلائي پاسو ورائي سمهي پئي. “صبح صبح ڇا پئي سوچي منهنجي راڻي ڌيءُ؟” ننڊ مان جاڳي هوءَ رات واري خيالن ۾ گم ويٺي هئي ته سندس پيءُ جيڪو پنهنجي ڪم وارا ڪپڙا پائي وڃڻ لاءِ تيار هو تنهن کيس ويٺل ڏسي ڀرسان ويهندي پڇيو. “بابا مان رات بـ پنهنجي خواب جي پڄاڻي تائين نـ رسي سگهيس”. هن اداسي مان پيءُ ڏانهن نهاريو ۽ پنهنجي پريشاني ٻڌائي “هي ڇا منهنجي راڻي ڌيءَ ايتري ڳالهـ تان پريشان ٿي وئي، مان ته هن کي ڏاڍو بهادر پئي سمجهو.” سندس پيءُ مٿي تي هٿ رکي کلندي چيو “ بابا مون سان هر دفعي ائين ڇو ٿيندو آهي ، مان ڪيتري بـ ڪوشش ڪيان پر هر دفعي ڪجهـ اهڙو ٿيندو آهي جو مهنجي سڄي محنت رائگان ٿي ويندي آهي ۽ مان پنهنجي منزل تي پهچندي پهچندي رهجي ويندي آهيان”. هڪ دفعو ٻيهر هن پيءُ سان شڪايت ڪئي. “ٻچا محنت ڪڏهن رائگان ناهي ويندي،اسانجي ڪيل محنت ڪڏهن نـ ڪڏهن رنگ ضرور لائيندي آهي. مان هڪ مصور آهيان پر مان تنهنجي خوابن کي پنهنجي تخليق کان اتم ٿو سمجهان. جڏهن کان منهنجو برش ٻين جي خيالن کي ڪينواس تي هلڻ شروع ڪيو آهي تڏهن کان ڄڻ ته منهنجا پنهنجا خيال مونکان رُسي ويا آهن. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي پنهنجي خيالن کي سڏي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان تڏهن بـ هاڻي هو مونسان ملاقات لاءِ بـ نـ ايندا آهن.اها منهنجي مجبوري آهي ته مان مڪمل طرح هُنن سان گڏ رهي نـ سگهي پر منهنجي شهزادي هر مجبوري کان آزاد آهي. تنهنجا خيال خالص آهن جيڪي هڪ ڏينهن تنهنجي خوابن جي رنگن سان رنگجي هڪ جامع شڪل اختيار ڪري هڪ شاهڪار تخليق بڻجي سامهون ايندا.” هڪ آرٽسٽ پنهنجي ڌيءُ ۾ پنهنجو عڪس ڏسي کيس دل جي ڳالهـ ونڊي. “بابا”.. خلا ۾ گهوريندي هن پيءُ کي ڄڻ پري کان سڏيو. “جي بابا.” سندس پيءُ منهن ڏانهن ڏٺو “بابا ائين ٿي سگهي ٿو ته انسان جنهن کي پنهنجي منزل سمجهي جستجو ڪندو رهي اها اصل ۾ ان جي منزل هجي ئي نـ اهو صرف هڪ رستو هجي؟” هن جي ذهن ۾ اچانڪ ڪو خيال آيو “ها ٻچا منزل صرف هڪ نڪتو آ، اصل ڳالهـ ته راه جي آهي جيڪڏهن صحيع راه ملي وڃي ته پوءِ ته هر رستو منزل آهي.” پيءُ جي منهن تي فاتحانـ مرڪ سان ڌيءُ ڏانهن ڏٺوکيس اميد هئي ته سندس ڌيءُ ۾ ايتري سمجھ آهي جو هوءُ پنهنجي سوالن جا جواب ڳولهي سگهي ٿي. اها ڳالهـ ٻڌي سندس پورو وجود هڪ سوال بڻجي ويو پر هن پيءُ ڏانهن مرڪي نهاريو۽ ان جي قميض تي لڳل رنگن جي خوشبو کي سِنگهيو ۽ کيس ڪم لاءِ رخصت ڪيو. هوءَ بي دلي سان پنهنجي روزمره جا ڪم اُڪلائڻ لڳي جڏهن ته ذهن مسلسل صبح واري ڳالهـ ٻولهـ ۾ اٽڪيل هو. “جيڪڏهن منهنجي منزل اها ناهي ته پوءِ آخر منهنجي منزل ڪهڙي آهي؟” سوال ته هڪ هو پر سندس ذهن ان کي گهڻ رخي نگاه سان ڏسي ان مان ڪيترائي سوال پيدا ڪري رهيو هو. آخرڪار ڏينهن جي پڄاڻي ٿي ته هوءَ پنهنجي بستري تي اچي ليٽي. اڄ الائي ڇو سندس اکيون ٿڪل هيون، اها سوچ سندس ذهن ۾ انتشار پيدا ڪري رهي هئي ته هن جنهن کي منزل سمجهو پئي اهو بس هڪ رستو هو. پر تنهن هوندي بـ اميد نئين نڪور هئي. سندس ذهن هميشه اهڙي ڳجهن سوالن تان پڙدو هٽائڻ ۾ مدد ڪئي آهي هن دفعي بـ کيس يقين هو ته اهو ضرور آگاهي ڏيندو. انهن خيالن تحت هن پنهنجون اکيون پوريون ته سندس ذهن ۾ عبرت جو سمنڊ اٿلي پيو. “هي سڀ ڇا هو! ڇا هي سندس سوال جو جواب هو؟ يا سندس ذهن جي رفتار ايتري تيز هئي جو ان هڪ جهٽڪي سان کيس هماليا جي مها پربت تي اچي بيهاريو هو، يا اهو هن جي سمجهـ جو ڪمال هو جنهن صبح ئي اهو راز ڄاتو هو ته صحيح راه ملڻ خود هڪ منزل آهي.” “جيڪو بـ هو پر هن کي پاڻ کي يقين ڏيارڻ ۾ ڪجهـ وقت لڳو ته هوءَ ان جڳهـ تي بيٺي آهي جنهن تي پهچڻ لاءِ هن تڏهن کان جستجو ڪئي هئي جڏهن کان هن شعور جي ڏاڪي تي پير رکيو هو.سندس سڄو وجود شڪر بڻجي آسمان ڏانهن نهارڻ لڳو”. خوش هئڻ جي باوجود هن جي عجيب ڪيفيت هئي، هڪ دفعو ٻيهر ڪنهن سوال جي جواب هن اڳيان هڪ نئون سوال پيدا ڪري ڇڏيو. پر دل اها ڳالهـ تسليم ڪئي ته“ جستجوخود هڪ جواب آهي ۽ کيس اها پڪ هيس ته ثابت قدم رهڻ وارن جي اڳيان هر راه هڪ جواب بڻجي سندن سامهون ايندي آهي.” ان اميد هن جي اکين جا سمورا ٿڪ لاهي ڇڏيا، سندس روح کي ڄڻ ته اهڙي آزاد فضا ملي وئي هئي جنهن هن کي نئون نڪور ڪري ڇڏيو.هن پنهنجون ٻئي ٻانهون کولي هوا کي ڀاڪر ۾ ڀري پنهنجي سفر جي ساٿياڻي بڻايو. سندس پيرن هيٺان هماليا جي شفاف ۽ ڪونئري برف پگهرجڻ لڳي. ٿڌڙي هير سندس هٿ هٿ ۾ وجهي خلا جي هموار سطح تي هن جا پير رکرايا جنهن کي محسوس ڪرڻ لاءِ هن اکيون ٻوٽيون ئي مس ته هن کي اکين ۾ ننڊ جو خمار محسوس ٿيو، پر هن ان کي نظرانداز ڪندي پنهنجا پير اڳتي وڌايا.نرم ۽ ريشمي واٽ تان گذرندي هوءَ برف کان وڌيڪ نرم ۽ سندس وارن کان وڌيڪ گهاٽن ڪارن ڪڪرن تان هلندي ڪِرڻ کان بچڻ لاءِ هن پنهنجي پيرن جي آڱرين کي ٻيڻو ٿي ڪيو. بادلن جون ڪيئي سطحون هن پاڻ کي متوازن رکندي طئه ڪيون. ڪافي دير کانپوءِ هن جي سامهون ڪڪرن جو هڪ گهرو وسيع دائرو هو، جنهن کي هن ڪجهـ لمحن لاءِ عجب مان ڏٺو. هن ان پردي جي پويان واري منظر کي ذهن ۾ تشڪيل ڏني جنهن ۾ کيس ستارن جي حسين دنيا نطر آئي. هاڻِ ته هن جي دل ۾ ان دنيا ۾ وڃڻ جي تمنا شدت سان آرس ڀڃي رهي هئي. ان دنيا ۾ ايتري ته ڪشش هئي جو هن جا پير تڪڙا تڪڙا ان بادلن جي ميڙ ڏانهن وڌڻ لڳا پر سندس ذهن هاڻ اڳتي وڌڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو ۽ کيس ان جادوئي دنيا مان آڻي پنهنجي بستر تي سمهاريو. نيڻن کي ننڊن جا خمار ملي ويا پر روح اڃا بـ ان سحرِانگيز دنيا ۾ ڪٿي رهجي ويو هو. اکين کي ڀلي جي لاشعور پنهنجي اثر هيٺ آڻي ائين سمجهيو هجي ته هو پنهنجي ڪوششن ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي پر روح سندس وجود کي ڌرتي کان ڪيترو ئي ڏور پنهنجي منزل جا رستا طئـ ڪرائي رهيو هو. ڪهڪشائن کي هڪ ٽِڪ ڏسندي هن پنهنجا پير سنڀالي سنڀالي کنيا ٿي. کيس هڪ دفعو ٻيهر ان سحر جي ٽٽڻ جو ٿورو ڊپ ته دل ۾ اڃا بـ هو، پر سندس اڳيان جيڪا حسين دنيا هئي جنهن هڪ نظر ۾ ئي دل جي هر خوف کي شڪست ڏئي ڇڏي. “سفر ۾ هر رستي مونکي ائين ڀليڪار چيو آهي ڄڻ اهي بـ ڪيتري عرصي کان منهنجا ئي منتظر رهيا هجن.” اکين اڳيان هڪ نئين نويلي ڪنوار جهڙو تيار ٿيل افَق هو، ڪائنات جي حسين ترين تخليق کي پاڻ کان ڪجهـ ئي قدم اڳيان ڏسي ته کيس پنهنجي تقدير تي ناز ٿيڻ لڳو. خوشي جي انتها ڇا هوندي آهي اڄ ڪوئي هن کان پڇي هان ته هوءَ آساني سان ٻڌائي سگهي هان. پر نه! پڇڻ جي ته ضرورت ئي نه هئي نه هن وقت ڪوئي هن جي پرنور چهري ۽ ستارن جيان چمڪندڙ اکين کي ڏسي هان ته کيس خوشي جو مفهوم معلوم ٿي وڃي هان. جڏهن ته هن کي اِها خبر هئي ته هي بـ مِحض هڪ رستو آهي پر پوءِ بـ خوشي سندس روح جي گوشي گوشي ۾ سمائجي وئي. هوءَ پنهنجا قدم ڄمائي ڄمائي رکڻ لڳي پر هڪ پل لاءِ بـ نظر ان حسن کان پري نـ ڪري سگهي. ڪتي، ٽيڙو ۽ ستارن مان ٺهيل اهو سپاهي جيڪو هوءَ ننڊپڻ کان پنهنجي اڱڻ ۾ رکيل کٽ تي سمهي روز رات جو ڪيتري دير تائين ڏسندي رهندي هئي اهي اڄ بس چند قدم اڳيان هئا. ڪهڪشائن جي چمڪ هڪ طرف پر هن جي اکين ۾ هزارين ڪهڪشائون گڏجي رقص ڪرڻ لڳيون هيون. لطيف رستن تان گذرندي هن پاڻ کي ڪائنات جي ملڪـ پئي ڄاتو. نـ پر هوءَ ته هڪ لمحي لاءِ ڄڻ ڪو ستارو بڻجي آسمان تي چمڪڻ لڳي هئي. ستارا هن جي اچڻ جي خوشيءَ ۾ رقص ڪري رهيا هئا. حسن جي جرڪندڙ ميڙاڪن کان مٿي ويندي بـ نظرو پيرن کان پري ٿيندڙ سونهري چادر جو ئي طواف ڪري رهيون هيون. پر سفر کي برقرار رکندي کيس انهن کي الواع ته چوڻو هو تنهنڪري انهن تي هڪ الوداعي نگاه وجهي هن اڳيان نهاريو جتي نيرو آڪاش اونداهي جي لپيٽ هيٺ اچي چڪوهو. اداسي هڪدم اچي سندس اکين جي چمڪ کي ڪٿي پري لڪائي ان جي جڳهــ تي ديرو ڄمائي ويهي رهي. ذهن ۾ ڪيئي سوال اٿي پيا. ڇا مان پنهنجي منزل تي پهچي وئي آهيان؟ ايتري خوشي کان پوءِ هي اڻکٽ اونداهي! اها ڪنهن جي ايتري طويل جدوجهد جو نتيجو ڪيئن ٿي ٿي سگهي؟! ٿي سگهي ٿو جيڪا پوئتي ڇڏي آئي آهيان اها ئي منهنجي جستجو جي پڄاڻي هجي. پر جيڪڏهن ائين هو ته منهنجي من جي اها مڪمل خوشي ڪٿي هئي جيڪا ڪنهن مقصد حاصل ڪرڻ کان پوءِ نصيب ٿيندي آهي. منزل لاءِ هٿ نـ ايندڙ راهـ کان وڌيڪ کيس ان خوف وڪوڙي ورتو ته “جيڪڏهن هي جستجو جو اختتام هوندو ته پوءِ هن جي زندگي ۾ ڪهڙو مقصد باقي رهندو.” هوءَ هاڻي ان تلاش جي عادي بڻجي وئي هئي جيڪڏهن اها ڳولها ختم ٿي وئي ته هن وٽ ته ڪجهـ نـ بچندو. “هر منزل خود هڪ نئين منزل جي شروعات هوندي آهي.” کيس پنهنجي ئي چيل ڳالهـ ياد اچي وئي. مان ائين سوچي بـ ڪيئن ٿي سگهان ته جستجو جو انت بـ ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن زندگي آهي ته ڪوششون ته رهنديون ئي پوءِ مان ائين سوچي بـ ڪيئن ٿي سگهان. هن کي پنهنجي سوچ تي افسوس ٿيڻ لڳو. کيس اهو احساس شدت سان ٿيو ته منزل کان وڌيڪ جستجو حسين آهي، هن همت ڪري انداهي ڏانهن نهاريو سندس اکين مان خوف ته نڪري چڪو هو پر دل اڃا بـ زور زور سان ڌڙڪي رهي هئي. ڪائنات جي حسن جي اوچائي کي بـ اورانگهي آئي آهيان، ان تائين پهچندي هر راهـ ٻانهون کولي دل سان منهنجو آڌرڀاءُ ڪيو آهي . ۽ هاڻ شايد هي اونداهي بـ پوري دل سان ڀليڪار ڪرڻ لاءِ آتي آهي انڪري مونکي بـ ساڻس گڏ سفر طئـ ڪرڻ گهرجي. ضروري ته ناهي ته هر راهـ تي ملندڙ همسفر اوهانجو هٿ جهلي اوهان جي راهـ جو مشعل بڻجي هلي، ڪنهن هم راهيءَ کي اوهانجي ساٿ جي روشني جي بـ ته ضرورت ٿي سگهي ٿي نـ. امبرَ جي اونڌاهي کي چيري مونکي پنهنجو رستو ٺاهڻو آهي ۽ مونکي يقين آهي ته هي اونداهي ئي مهنجي مدد ڪندي.هن جيئن ئي هڪ پراميد مرڪ ان گگهـ اوندهي رستي ڏانهن وڌي تيئن ئي ڪجهـ ٽانڊاڻا مٿس لامارا ڏيڻ لڳا ان سان گڏ ئي هن جي اکين ۾ بـ اميد جا جگنو جاڳي پيا ۽ هن سک جو ساهـ ڀريو. قدرت کي بـ شايد سندس چاهـ سان چاهـ هو يا شايد اها بـ ان چاهـ سان جاکوڙيندڙ ماڻهن جا رستا آسان ڪرڻ لاءِ هر وقت ائين ئي حاضر هوندي آهي. حواس گڏ ڪندي هن پنهنجا پير اڳيان وڌايا. اڳيان ، پويان، هيٺ مٿي هر طرف اونداهي جو راڄ هو. تڪليف ۾ جيئن انسان کي درد کان علاوه ڪجهـ ٻيو نظر نـ ايندو آهي تيئن هن کي بـ اونداهي ئي اونداهي نظر پئي آئي.گهڙي کن لاءِ هن کي ائين لڳو ڄڻ هن جي مقدر ۾ اونداهي ئي لکيل آهي. اونداهي ۾ جنهن طرف قدم وڌايو ان طرف ئي رستو هوندو آهي ۽ في الوقت اسان اهو فيصلو ڪرڻ کان قاصر هوندا آهيون ته اهو رستو اسان کي منزل تائين پهچائڻ وارو آهي يا هڪ ٻي سفر ڏانهن منتقل ڪرڻ وارو آهي. کيس اهيو بـ يقين هو ته قدرت پاران سندس دل کي اهو نور عطا ڪيو ويو آهي جيڪو ڪنهن بـ اڙانگهي واٽ تي رهنمائي ڪندو. اونداهي جون بـ ڪيئي منزلون طئـ ڪرڻ کان پوءِ کيس اهو احساس ٿيو ته هِن خاموش راهن کي بـ ڪنهن جي ساٿ جي ضرورت هوندي. هلندي هلندي کيس احساس ٿيو ته هوءَ اِن اونداهي جي سهيلي بڻجڻ لڳي آهي. هن پنهنجو هٿ اڳيان ڪري اونداهي کي پنهنجي ساٿياڻي بڻايو ۽ پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان ٿي وئي. انسان جي ذهن کي منتشر ڪندڙ سوالن جا جواب کيس مشڪل وقت ۾ ملي ويندا آهن. جيڪڏهن ان وقت هو دانهون ڪرڻ بجاءِ خاموشي سان فطرت جي آوازن کي ٻڌڻ جي ڪوشش ڪري ته سندس ذهن ڪيترن ئي مونجهارن کان بچي سگهي ٿو. “جڏهن مان روشنين جو سفر ڪري رهي هئس ته ان وقت اهو منهنجي وهم و گمان ۾ بـ نـ هو ته اڳيان ايترو مشڪل رستو بـ اچي سگهي ٿو. هونئن بـ انسان خوشين وقت ڪٿي پنهنجي ايندڙ وقت جو سوچيندو آهي، ان وقت ته مان بس پنهنجي ڪاميابيءَ تي ناز ڪرڻ ۾ مصروف هئس.” هُن پنهنجي گذريل سفر مطعلق سوچو.اِهو سوچيندي سوچيندي هوءَ اڳيان وڌندي رهي. کيس ائين لڳو ڄڻ هوءَ ڪنهن مٿاهين کان هيٺاهين ڏانهن اچي رهي هجي. سندس وجود ڄڻ ته برف جو ڪوئي ٽڪرو بڻجي ويو هو، اونداهي جا دائرا گهرا ٿيندا پئي ويا پر پوءِ بـ اڳيان وڌڻ لاءِ ڪوشان هئي ان واٽ تي جنهن ۾ پڄاڻي جو ڪو اشارو بـ نٿي مليو. آخرڪار هلندي هلندي اها گهگهـ اوندهـ هڪ طرف کان تيز ڳاڙهي رنگ ۾ تبديل ٿيندي نظر آئي. اميد جو شايد ڪوئي واحد سراغ هو جنهن ڏانهن هوءَ يڪدم ڊوڙي. ڊوڙندي ڊوڙندي ان ريٽاڻ جي پويان ڪجهـ سنهري شاخون اڀرندي نظر آيون. جيئن جيئن هوءَ اڳيان وئي تيئن تيئن اهي سنهري شاخون نمايان ٿينديون پئي ويون جنهن جي روشني سندس اکين کي کيرو ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي. اکيون اونداهيءَ جون ايتريون عادي بڻجي چڪيون هيون جو روشني کي روڪڻ لاءِ هُن پنهنجي اکين تي هڪ هٿ جي اوٽ ڪئي. سونا ڪرڻا سندس برف جهڙي ٿڌي جسم کي گرمي پهچائي کيس فرحت بخشي رهيا هئا. ٿوري ئي دير ۾ هن پنهنجو هٿ هيٺ ڪيو ۽ ڪجهـ لمحا پنهنجي اڳيان واري منطر کي ڏسڻ کانپوءِ اڳيان وڌي ته ڪجهـ ئي فاصلي تي اڳيان کيس ڦڪي نارنگي رنگ ۾ چمڪندڙ سج نظر آيو. “سج جي روشني اڳ ته ڪڏهن بـ ايتري سڪون پهچائيندڙ نـ لڳي هئي.” هُن سج ڏانهن پيار سان ڏسي سوچيو. ان جاکوڙي ڇوڪري کي ڏسي سج پنهنجي تپش گهٽائي ڇڏي. گهري سونهري رنگ مان ڳاڙهو رنگ ٿي ويو. هڪ دلڪش مسڪراهٽ چپن تي سجائي ٻانهون کولي هن سج جي ڪِرڻن کي پاڻ ۾ اندر داخل ٿيندي محسوس ڪيو جيڪي کيس ڪائنات جي مرڪز ۾ کڻي ان جي حسن جو سير ڪرائڻ لڳا.هوءَ حيران هئي ته جيڪا روشني ايترو پري زمين تي جسم کي ساڙيندي آهي اها ايترو ويجهو ٿيڻ کانپوءِ اهڙو مٺو ۽ ٿڌو سُرور پهچائي رهي هئي. کيس اهو يقين ٿيڻ لڳو ته سندس روح هڪ اهڙي رستي تي رَسي ويو آهي جتي ڪنهن جستجو جي ضرورت نـ رهي آهي.اڃا هوءَ پاڻ کي ان خوشيءَ جو احساس ئي نـ ڏياري سگهي هئي ته کيس محسوس ٿيو ته سندس وارن ۾ ڪوئي اڱريون ڦيري رهيو هو. هن آهستي آهستي پنهنجون اکيون کوليون جتي سامهون ساڳيو ئي چمڪندڙ سج هو جنهن جا نرم گرم ڪِرڻا اڃا بـ راحت بخشي رهيا هئا. منهن ورائي هن ڀرسان بيٺل پيءُ کي ڏٺو جنهن جي چهري تي هميشـ جيان مهربان مسڪراهٽ هئي. “ڪيتري عرصي کانپوءِ ايڏي گهري ننڊ ستي آهي منهنجي لاڏلي، لڳي ٿو اڄپنهنجي من چاهي جڳھـ تي پهچي ويا اوهان.” هُو ساڳي طرح پيار ڪندي مخاطب ٿيو. “ جي بابا پهچي ويس اڄ اُتي.” هن بـ پيءُ کي مختصر جواب ڏنو “پوءِ هاڻي ته ڪنهن شيءِ جي ڳولها ۾ فڪرمند نـ رهندي نـ منهنجي جان؟” “جن روحن کي ڳولها جي عادت پئجي وڃي اهي ڪٿي ٿا ڪڏهن سک سان ويهن بابا... جسم ڀلي ابدي ننڊ بـ سمهي رهي پوءِ بـ روح هميشـ سفر ڪندو رهي ٿو.” خِلا ۾ نهاريندي هُن ڄڻ پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو “زندگي اسان وٽ هرروز هڪ نئون سبق کڻي ايندي آهي جنهن ۾ جيئڻ جا راز هوندا آهن،پر هر ماڻهون ان کان اهي سبق وٺڻ لاءِ تيار نـ هوندو آهي. مونکي فخر آهي ته منهنجي ڌيءُ انهن ماڻهن مان نـ آهي. هوءَ ته انهن خوشنصيب ماڻهن مان آهي جيڪي صبح ٿيڻ کان اڳ ئي وڃي زندگي کان اهي راز معلوم ڪري اچي ٿي. ” ڌيءُ کي پيار ڪري ان جي بستر تان اُٿيو “اميدن جو پورو جهان جوڙي جنهن تي اسان پوري زندگي گهاريون ٿا، اهو صرف اسان انسان نـ پر ڪائنات ۾ موجود هر شيءِ وٽ الڳ سان پنهنجو هڪ جهان قائم آهي. اسان انسان جيڪي پنهنجي ڪنهن پرين پياري جي پيار جي سهاري پيا جيئندا آهيون ۽ جيڪڏهن هو اسان کان پري هجي ته هميشـ ان جي اوسيئڙي ۾ رهون ٿا، ساڳي طرح هي اُوچا پهاڙ جن جي اوچائي ۽ برتري ڏسي انسان مٿس رشڪ ڪري ٿو، تِن کي هر وقت ڪنهن اهڙي انسان جو انتظار رهي ٿو جيڪي سندن اوچين چوٽين کي ڪجهـ لمحن لاءِ پنهنجي رفاقت بخشين.گهرا ڪارا بادل، جيڪي پربت کان بـ اوچا آهن ... اهي ڪيترا ئي دفعا اسان کي هٿ هٿ ۾ ڏئي خلائن جو سفر ڪرائڻ جي دعوت ڏين ٿا. ستارا.... هي ستارا جن کي روز زمين تان اسان تڪيندا رهون ٿا اهي بـ اسانجي ساٿ جا منتظر آهن. ۽ اها گهگهـ اونداهي، بابا اها گهگهـ اونداهي جيڪا ان ڪهڪشائن جي روشنائين کان ڏاڍو ڏور آهي ان کي بـ ڪنهن جي ساٿ جي ضرورت آهي بابا. ان اونداهيءَ کي ڀل ڪوئي اڙانگي راه چئي پر ان سان گڏ هلڻ وارن لاءِ هوءَ هڪ ساٿي بڻجي وڃي ٿي. هو هر وقت ڪنهن جي سنگ لاءِ آواز ڏيندي رهي ٿي پر اسان سندس آواز ڪنائڻ جي ڪوشش بـ ناهيون ڪندا. هن سج کي ئي ڏسي وٺو بابا هي بـ اهو ٿو چاهي ته ڪوئي اِهي اڙانگا رستا پار ڪري اچي کيس اکيون اکين سان ملائي ته هو بـ کيس پنهنجي پيار جي ڪوملتا سان پُور پُور ۾ سڪون پهچائي ڇڏي ٿو، صرف اِن لاءِ ئي ته هو اسان کي شام ٿيندي ئي ڇڏي وڃي ٿو ته جيئن ڪجهـ جفاڪش ماڻهن جو ساٿ سندس محبوبـ کي نصيب ٿيئي. ڪاش مان اوهان کي اِهو ٻڌائي سگهان بابا ته اونداهي سوجهري جي محبوبـ آهي، اها محبوبـ جنهن سان هو ڪڏهن هڪ پل لاءِ بـ نٿو ملي سگهي. هن جي خواهش هوندي آهي ته سندس محبوبـ ڪڏهن اڪيلي نـ هجي انڪري ئي ته هي آفتاب شام ٿيندي ئي وڃڻ جي جلدي ۾ هوندو آهي ته جيئن تاريڪي جي آواز کي ٻڌڻ وارا سندس ڏانهن متوجهـ ٿي پنهنجي ساٿ جي روشنائي عطا ڪن. اها روشنائي جيڪا ماڻهن کي گهٽ ئي نظر اچي ٿي.” ڪم واري مخصوص ڪپڙن ۾ ملبوس پنهنجي پيءُ کي پٺيرو ويندو ڏسي هُن سوچيو مهراڻِ ايوب