• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنت بابا آسودا رام صاحب ؛ سخي بابا؛

عبدالغني لوهار

سينيئر رڪن
آسودارام ، سَنت: مشهور رشي ۽ سنت آسودا رام صاحب جنهن کي سنڌ ۽ هند ۾ ’سخي بابا ‘ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ جنهن جي نالي تي لکنؤ ڀارت ۾ هڪ وڏو -آشرم- به آهي ۽ پني عاقل شهر ۾ هڪ آستان ۽ سخي بابا جنرل اسپتال به قائم آهي . سنت آسودارام ضلعي سکر جي تعلقي پنوعاقل ۾ 1895ع ڌاري ڳوٺ عالم خان جتوئيءَ ۾ ڄائو . سندس والد جو نالو لڌڙو مل هو . ننڍي هوندي کان ئي -تنهائي- پسند... هو ۽ هر وقت ڌڻيءَ جي ذڪر فڪر ۾ گذاريندو هو ، کيس ننڍي هوندي ئي سندس والد پنهنجي مرشد سنت سترام داس وٽ ڇڏي آيو ، جتي 13 سال رهيو ۽ اتي گانئن ( ڳَئُن ) جي خدمت ڪيائين . بعد ۾ مرشد جي حڪم تي موٽي ڳوٺ آيو . 1940ع ۾ مرشدن جي حڪم سان پني عاقل ۾ آستان جي اڏاوت ڪرايائين ۽ 1942ع ۾ اڏاوت مڪمل ڪري اتي رهائش اختيار ڪيائين ، جتي پري پري کان حاجت مند اچي حاضريون ڀري ۽ من جون مرادون حاصل ڪرڻ لڳا . سنت آسودارام صاحب 4 سيپٽمبر 1960ع ۾ 64 ورهين جي عمر ۾ پرلوڪ پڌاريو ۽ -ان- آستان ۾ ئي سندس سماڌي ٺاهي وئي ، جتي هند سنڌ کان سندس عقيدتمند اچي مٿو ٽيڪيندا آهن . آسودارام درٻار پني عاقل ۾ هر سال ميلو به لڳندو آهي

ورتل: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
فيس بوڪ جي پيج سنڌي بزرگ تان کنيل

26700099242_d0daae9c04_o.jpg
 
Back
Top