ادا ڪنهن بہ دوست کي اگر هي ڄاڻ هجي تہ مهرباني ڪري ٻڌائيندا، فيس بڪ گروپس مان تنگ ٿي ويو آهيان ڪو بہ فرينڊ ايڊ ڪري ڇڏي ٿو ڪنهن بہ گروپ ۾ مان ان کي بند ڪرڻ چاهيان جيئن مونکي ڪو بہ ڪنهن گروپ ۾ منهنجي مرضي کانسواءِايڊ نہ ڪري سگهي،
ان جو سادو جواب آهي ته ... نه توهان اهو نه ٿا ڪري سگهو ... فيس بوڪ پنهنجي هن بيوقوفاڻي فيچر بابت وضاحت ڪجهه هن طرح ٿو ڏئي... خير ان جو بس هڪ ئي حل آهي ... پاڻ کي اهڙن گروپن مان مينيوئلي ريموو ڪندا رهو ...
ادا حل سَولو آھي جيڪو دوست ايڊ ڪري تنھن کي ميسيج ڪري چئو تہ ھي عمل اوھان کي پسند ڪونھي مڙي وڃي تہ ٺيڪ نہ تہ ان ايڊ ڪرڻ واري کي انفرينڊ ڪري ڇڏيو ان کي اھو اختيار ئي نہ رھندو جو اوھان کي ايڊ ڪري . نہ رھي بانس نہ بجي بانسري
ٻنهي دوستن جواب تہ سٺا ڏنا آھن، عمل ڪري ڏسجي، مڙي ويا تہ هائو نہ تہ انفرينڊ تہ آهي ئي آهي، لک ٿورا دوستو¡