• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪوٽڙيءَ جي تاريخي ريلوي پُل

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
ڪوٽڙيءَ جي تاريخي ريلوي پُل

هيءَ پُل ڪوٽڙيءَ ۽ حيدرآباد وچ ۾ سنڌو درياءَ تي ساڄي ۽ کاٻي ڪنارن کي ملائيندڙ ريل يا زميني رابطي جو ذريعو ۽ تعميراتي شاهڪار آهي. سن 1900ع ۾ هيءَ پُل مڪمل ٿي ۽ ٽريفڪ لاء کولي وئي. وچ تي سنگل ريلوي ٽريڪ ۽ پاسن کان ٻٽو ٽريفڪ ٽريڪ رکندڙ هيءَ پُل پنهنجي عمر جي سينچري مڪمل ڪري ڊبل سينچري طرف گامزن آهي.
هن پل جي ٻيهر مرمت ۽ تعمير 1931 ۾ مڪمل ٿي. هن پل کان اڳم ريلوي ٽريڪ ڪراچي کان ڪوٽڙيءَ تي ختم ٿيندو هئو. زميني رابطو پتڻ تي ٻيڙين ذريعي ٿيندو هئو. هن پل جا پلر 60 فوٽ زمين اندر آهن ۽ مٿان لوهه جا ديو قامت ڇھ اسپين جن جي ڪل ڊيگهه 1948 فوٽ آهي. ان تي نٽ بولٽ سان انتهائي مظبوط ۽ پائدار ڪم ٿيل آهي. باهمي ملندڙ لوهي پلر به وڻندڙ ڏيک ڏين ٿا. پاڻي سُڪل هجي ته گدوءَ طرف هيٺ لهي پل جي هيٺان بيهي لگهندڙ ريل جو مشاهدو ڪيو انتهائي رومانوي لڳندو.

سائين شبير احمد قريشيءَ جي ٿورن سان

v7fvvp.jpg


k14554.jpg
 
مغلن جي تاريخي تعميراتي شاهڪارن کانپوءِ انگريزن به ڪافي مظبوط تعميراتي ڪم ڪرايا مگر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ انهن شاهڪارن جي صحيح نموني حفاظت ۽ مرمت ڪڏهن نٿي سگهي آهي
 
Back
Top