زندگي جي بي ثباتي ۽ موت جي المياتي نغمو . -هيءَ زندگي آ بي ثبات ، ڪنهنکي ملي آ هت ثبات، هر ڪو وٽس مهمان آ ، جنهنجو موت ئي انجام آ ، پيڙهين اندر دهرائي ٿي، نسلن ۾ ڄڻ سمائي ٿي، جاڳي ٿئي احساس ذات ، ڪٽي جهد ۾ ٿي ڏينهن رات، ٿي هر جبر مان چاهي نجات هيءَ زندگي آ بي ثبات ، ڪنهنکي ملي آ هت ثبات، ٿي ٽهڪندي ٽڙي پوي ، ڪا مهڪ ٿي پکڙي پوي. تنهنتي ڀونر ٿي ڀري پوي، ڪنهنجو لڙڪ ٿي لڙي پوي، ٿي جھڙ سندي ڦڙي پوي، ڪا روئي پئي فلڪ تي ڏات، هيءَ زندگي آ بي ثبات ، ڪنهنکي ملي آ هت ثبات، ٿا باغ ۾ گلڙا ٽڙن ، جيون شام تي مر جھائجن، پويان ڇڏين سڳنڌ ٿا، ڪيئي اميد جا سمٻنڌ ٿا، ٿا ور ور هڻي وري اچن ، باغ حيات ۾ اسرڻ اچن، هن جڳ اندر ٽڙڻ اچن، ٿا پره جو مرڪڻ اچڻ ، تاريخ جي اسٽيج تي ، ٿا درد ٿي سڏ ڪڻ اچن، آ پر هر صبح جو انجام رات، هيءَ زندگي آ بي ثبات ، ڪنهنکي ملي آ هت ثبات، آدم