هَر پَل دِل جا ناز نوان : ڪي ٽي دادلاڻي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
غزل

ڪي ٽي دادلاڻي

هَر پَل دِل جا ناز نوان
ڪون مِلن ٿا ماڳ سَوان

عِشق مُنجهايو آهي گهڻو
الجَهن ۾ ٿو اٽِڪي پوان

گهُورُن سان دِل گهائي ٿو
اکرُ زبان سان ڪِين چوان

رَت جي آ رَفتارَ تکي
۽ دِل جا ارمانَ جوان

ماڻِيان مان نِت نِينهنُ نِجو
آتِيون اکڙيون ٿِئن رَوان

مُحبَت مَنَ کي ماري ٿي
فقط پرينئن جي لاتَِ لوان
 
Back
Top