خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / خميس 05 مئي 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* پرائمري استاد جو ڌنار پٽ، سي ايس ايس پاس ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر بڻجي ويو(خبر)
* * ڪاش..!!اها ڳالهه سنڌي قومپرستن کي سمجهه ۾ اچي (تبصرو)

* صوبائي وزير جميل الزمان لاءِ اڌ ڪروڙ جي فارچونر گاڏي خريد ڪئي ويندي (خبر)
* * ڪڇان ته ڪافر....!! (تبصرو)

* نواز شريف وزيرن جي چوڻ تي نه هليَ، ملڪ کي گھوٽالي مان ڪڍيَ: مولابخش چانڊيو(خبر)
* * مولو ڄٽ! پهريان قائم علي شاهه کي صلاح ڏي ته سنڌ کي رشوت کان ٻاهر ڪڍي (تبصرو)

* سرڪار، اشتهاري مهم هلائي، ماڻهن کي سگريٽ ڇڏڻ تي راضي ڪري: جسٽس گلزار(خبر)
* * آهي ته خير جوڪم، تنهن ۾ دير ڇا جي؟ (تبصرو)

* وزيراعظم زور آزمائيءَ کان پاسو ڪري: خورشيد شاهه (خبر)
* * ...زورآزمائيءَ بدران خاموشيءَ سان زرداريءَ وانگيان ملڪ لُٽي (تبصرو)

* بهتر آهي ته ڪُٽنبي جهيڙا ختم ڪيا وڃن: چيف جسٽس جمالي (خبر)
* * .....پر جسٽس صاحب! ٻليءَ کي گھنڊڻي ٻڌندو ڪير؟ (تبصرو)
 
Back
Top