ڪنڌڪوٽ ۽ سنڌ جي ٻين شهرن کي ترقي جي نالي ڊاهي پٽ ڪرڻ ۽ مٽي# جو ڍير ڪرڻ ....

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏5 مئي 2016۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    ڪنڌڪوٽ ۽ سنڌ جي ٻين شهرن کي ترقي جي نالي ڊاهي پٽ ڪرڻ مٽيءَ جو ڍير ڪرڻ
    ___________________________________________________
    ستم چوان يا ڪهر چوان يا ظلم چوان يا دود چوان ...هي لفظ ننٺڙا ٿا لڳن هن هانڃي تي جيڪو پوري سنڌ ۾ گهڻن شهرن ۾ شروع ڪيو ويو آهي جنهن ۾ حد دخلين جي آڙ ۾ بد مست انتظاميه فرعون کان به وڌي وئي آ ۽ هامان جي همايتي ٿي مسڪين ماڻهن جا دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا اڄ جڏهن ڪنڌڪوٽ ۾ اچڻ ٿيو ته ڇا ڏسان ڪاري وارا ڪک شهر شهر نه پئي لڳو موئن جو دڙو پر اتي به ڪجه آثاسر آهن جن منجها سڌ پئي ٿي ته هتي جا انسان رهندڙ تهذيب يافته هيا پر هتي هي انتظامي دهشتگردي جنهن ۾ ان شطانيت جو گهڻو امڪان آ جنهن هن شهر ۾ هارايو ۽ ملي جلي انطاميه کي هن اٺنگي ڪم ڪرڻ تي راغب ڪيو منهنجو مطلب توهان سمجهي ويا هوندا ......
    هاڻي هڪ شهر جيڪو ڏيڍ صدي کان به مٿي جو جوڙيل هجي ان جي بهتر ڪرڻ جو هاڻي خيال اچي۽ هاڻي ماسٽر پروگرام تشڪيل ڏجي جنهن ۾ صرف شهر کي ڍير ڪري ڇڏجي ۽ اندر جي باه الانڀا ڏيندڙ تباهي ڪندي سڪون ۾ اچي ...ههڙي آدم خوري ههڙي وهشت گيري ههڙي گنڊا گردي ههڙي داداگيري ڪڏهن ۽ ڪٿي به نظر نه ايندي جيڪا سنڌ جي ڪراچي کا سواءِ شهرن جي ڪئي پئي وڃي ترقي جي نالي .....ڪنهن چيو سائين پيسا آيا آهن ان ڪري هي ماسٽر پلاننگ جي ڪري هي شهر جون گهٽيون بازارون ويڪريون ڪرڻيون اٿن ....ڪو هوش عقل وارو ته سڪتي ۾ ئي ايندو ته هي شهر خوب صورت ڪرڻ جي نالي ۾ بد کان بدصورت ڪرڻ ڪٿان جو عقل ڏاهپ انسان دوستي همدردي آهي ڪو ٻڌائي مون کي......
    نه شهر ۾ ڪو بس جو اڏو آ نه ويگنن جو اڏو آ نه ڪا وڏي گاڏي جي اچڻ جو ڪو امڪان آ ۽ ان لاءِ جدا ٻاهر ويگن اسٽيند پڻ جوڙيل آ هي ۽ هلي پيو روان دوان آهي ۽ شهر کي باءِ پاس جوڙي ڳڄ عرصو گذري چڪو آهي ته پو هي بي هودگي ڇا جي لاءِ هي سنڌ دشمني ڪنهن سان اڙي روزگار ڏيو نه ٿا روزگار کسيو ته نه ڇو مسڪينن سان لاتي اٿو انهن ڪهڙو ڏوه ڪيو جو توهان انهن جي روز ڪمائي جي وسيلي کي جيڪو هنن پائي پائي ڪري ڪو دڪان کوليو هو ۽ ان ۾ سڀ پونجي لڳائي گهر هلائين جو امڪان پيدا ڪيو هيو ....هڪ ڌڪ ۾ اربين روپين جو نقصان ...هي نفرت آ جيڪا توهان انسانن سان ڪري رهيا آهن ڊڄو ان الله کان جيڪو هن روءِ زمين جو مالڪ آهي جيڪو توهان کي پنهنجي جيءَ ۾ ضرور لوڙائيندو ڇو ته ڏيو ته نه ته ڏکايو ته نه ....آه غريبان قهر خدائي ....ڪجه الله جي پڪڙ اجهو توهان کي وٺندي پو فرعون وانگر الله توهان جو وات مٽي سان بند ڪري ڇڏيندو ....
    جي شهر لاءِ پيسا آيا آهن ته پو شهر کي شهر ڪريو نه ڪي مٽي جو ڍير شهر جي ڀر پاسي باءِ پاس جي لڳو لڳ وافر زمين پئي آ اتي ڪي شاپنگ سينٽر ٺاهيو باقي شهر ۾ ڪنهن به ٽرڪ گاڏي يا ويگن جو ورلي ڪو اچڻ ٿئي ٿو ماڻهو آرام سان شهر ۾ خريداري ۾ مصروف هوندا آهن ته پو انهن کي ويڪرين گهٽين جي ضرورت ڇاجي ڪري پئي هو شڪارپور جوشهر آ جنهن ۾ ٺڪ بازار آهي جيڪا هڪ ڪلوميٽر جي آهي تقريبن پر ان ۾ ڪا گاڏي نه ٿي وڃي سگهي ته ڇا پو ان کي ڊاهي پٽ ڪجي ...نه هتي ڪراچي ۾ طارق روڊ تي وڏيو گاڏيون نه وينديون آهن ته پو هتي هي ظلمت ڇو ڪئي پئي وڃي ...
    وري جي ڊرينيج جي ڳاله آ ته سائين تمام مضبوط آر سي سي پائيپ وڌل آهن باقي ڍڪڻا ۽ مين هولس کي ريپيئر ڪري ٿي سگهيو بنا ڪنهن ڀڃ ڊاه جي ( ڊسٽرڪشن جي )......
    ڇا انطاميه هي اربين روپين جو نقصان ڀري ڏيندي جي ها ته پو به ڪجه بهتري آهي پر جي ني ته پو هنن مسڪينن جون روڙون ۽ بد دعاعون انهن جي جيءَ لاءِ آزار جو سبب ضرور بڻبيون.........
    فقط ڪنڌڪوٽ جو هڪ الله لوڪ ماڻهو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو