ڪوٽڙي بئراج المنظر ۽ ڄامشوري جي پل ليکڪ: نظام الدين ڪاڪا ڪوٽڙي بئراج جنهن کي غلام محمد بئراج جي نالي سان بـ سڏيو وڃي ٿو. سنڌو ندي جڏهن آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ مستيءَ جو موهـ ۽ ڇولين جي ڇوهـ ۾ وهندي آهي تـ المنظر ڄامشوري تي سنڌ جا ساڃاهوند اچي المنظر تان سنڌو نديءَ جون ڇوليون ڏسي ۽ سنڌوءَ جو ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ ڏسي پنهنجي اندر ۾ اتساهـ واري ڪيفيت محسوس ڪري پنهن جوش ۽ جذبن کي گرمائيندا آهن تـ سچ، سونهن، سرهاڻ جي سوڀ ضرور ٿيڻي آهي ۽ سنڌو نديءَ جي ڪپ تي ٻـ چاهيندڙ سنڌو ندي ۽ سنڌ ڌرتيءَ جا قسم کڻي وفا جا وچن ۽ اقرار ڪندا آهن ۽ اتي ئي سندن دوستي خوشبو ٿي کُلي پوندي آهي، المنظر تي ڄامشوري جا پلا، چٽپٽا ڇولا ۽ پڪوڙن جي ٽيسٽي مينهوڳيءَ جي مند ۾ تـ الڳ حيثيت رکي ٿي پر المنظر تي مرڪون ۽ ٽهڪ، تاڙا جڏهن پاڻ ۾ ٽڪرائبا آهن تـ سنڌوءَ جي زوردار ڇولين جي آواز جهڙو ماحول ڪنن ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. اسان جي سنڌ بنيادي طور هڪ زرعي صوبو آهي، جتي آبپاشي نظام کي سڌارڻ ۽ بهتر بنائڻ جو خاص خيال رکڻ گهرجي اچو تـ ڪوٽڙي بئراج جي باري ۾ توهان کي ڪجهـ معلومات ڏيان. سنڌ جي زراعت جو دارومدار، سنڌو ندي ۽ ان مان نڪرندڙ واهن تي آهي. ڪو وقت هو جو هن درياءَ مان نڪتل واهـ صرف آبڪلاڻيءَ جي مند ۾ وهندا هئا. تنهن ڪري آبڪلاڻيءَ جي مند ۾ ئي هڪ فصلي پيدائش ٿيندي هئي. سال 1932ع ۾ ڪوٽڙي بئراج ٺهيو تـ ان مان نڪرندڙ واهن کي دائمي طور وهندڙ ڪئنال بنايو ويو. ان بعد وهندڙ ڪئنالن تي جيڪا بـ ايراضي هئي سا آباد ٿيڻ لڳي ۽ رڻ پٽ ميدان بـ سرسبز ۽ شاداب ٿي پيا. 1946/1947ع ۾ هڪ برطانوي انجنيئر Champker اها رٿ ڏني تـ ڄامشوري وٽ سنڌو نديءَ تي سکر بئراج کان علاوه هڪ ٻيو بئراج بـ ٺاهيو وڃي. جنهن جي ذريعي دائمي ڪئنال ڪڍي لاڙ واري غير آباد زمين آباد ڪئي وڃي. ان بعد شروعاتي ٽن سالن ۾ گهربل اوزار ۽ مشينري حاصل ڪئي وئي هڪ بجلي گهر ۽ ورڪشاپ تعمير ڪرايو ويو ڪاريگرن ۽ مزدورن جي رهائش لاءَ هڪ ڪالوني تعمير ڪرائي وئي ۽ ساڳئي وقت بئراجي ڊزائين ۽ اڏاوت جو نقشو بـ تيار ڪيو ويو. 12 فيبروري 1950ع تي ان وقت جي گورنر جنرل خواجـ نظام الدين هن بئراج جي پيڙهـ جو پٿر رکيو. شروعاتي ڏينهن ۾ تربيتي يافتـ ڪاريگرن جي گهٽتائي، پرڏيهي ناڻي جي ڪمي ۽ مشينريءَ جي فاضل پرزن جي کوٺ هن تعمير جي ڪم ۾ وڏي رڪاوٽ وڌي پر ارادي جي سچائيءَ، همت، محنت نيٺ هن عظيم رٿا کي پنجن سالن جي عرصي ۾ تعمير ڪري تڪميل تي پهچايو. سيپٽمبر 1945ع ۾ سنڌو نديءَ جو پاڻي هن بئراج مان وهايو ويو ۽ 15 مارچ 1955ع تي ان جو افتتاح ٿيو، جيئن تـ هيءَ پل ڪوٽڙيءَ شهر کي ويجهو هئي انڪري هن کي ڪوٽڙي بئراج جو نالو ڏنو ويو. هن بئراج جي تعمير تي ان دور ۾ بـ 5 ڪروڙ 75 لک روپيـ خرچ آيا. هن بئراج جي ڊيگهـ اٽڪل هڪ هزار ميٽر آهي. هن ۾ 44 دروازا آهن، جن مان هر هڪ اٽڪل 18 ميٽر ويڪرو آهي. هن مان وڌ ۾ وڌ پوڻا نو لک ڪيوسڪ پاڻي لنگهي سگهي ٿو. هن ۾ ٻيڙين جي لنگهـ جو بـ انتظام ڪيل آهي. پل کان اوڀر طرف وڃڻ لاءِ ٻـ ڏاڪڻيون ٺهيل آهن. پل تان آمدورفت لاءِ اٽڪل 8 ميٽر ويڪرو روڊ ٺهيل آهي جنهن جي ٻنهي پاسي هڪ ميٽر ڊگها ۽ ويڪرا ڦوٽ پاٿ ٺهيل آهن تـ جيئن پيرين پنڌ بـ هلي سگهجي. هن بئراج جي ساڄي پاسي ڪلري بگهاڙ نالي واهـ وهي ٿو ان مان 9 هزار هڪ سئو ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ جي گنجائش هئي پر Recently سلٽ جمع ٿيڻ جي ڪري ان جي گنجائش گهٽجي 6 لک ڪيوسڪ تي وڃي بيٺي آهي. هي واه ڪينجهر ڍنڍ ۾ وڃي پوي ٿو جنهن جي پکيڙ 74 چورس ڪلوميٽر آهي. ٺٺي ضلعي جي هڪ وڏي ايراضيءَ کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪينجهر ڍنڍ مان هاليجي ڍنڍ ۾ پاڻي پهچايو وڃي ٿو ۽ جتان ڪراچي شهر کي پيئڻ لاءِ پاڻي ملي ٿو. ڪينجهر ڍنڍ مڇي مارڻ ۽ سير و تفريح لاء بهترين جڳهـ آهي هن ئي ڍنڍ سان وابستـ نوري ڄام تماچيءَ جو قصو مشهور آهي جنهن جو ذڪر شاهـ لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ بـ ڪيو آهي. سنڌو نديءَ جا کاٻي پاسي ٽي واهـ آهن 1. ڦليلي 2. پڃاري 3. اڪرم واهـ سڏجن ٿا هنن ۾ 4 هزار هڪ سئو ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ جي گنجائش آهي. هن بئراج مان نڪتل واهن مان دادو، حيدرآباد، ٺٺو، سجاول، ٽنڊو محمدخان، بدين ۽ ٽنڊوالهيار ضلعن جي 28 لک ايڪڙ زمين آباد ٿي رهي آهي ۽ انهن ئي ضلعن ۾ پيداوار ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي. هاڻ انهن ايراضين ۾ ساريون، ڪڻڪ، ڪپهـ، ڪمند، ٽماٽا، بصر ۽ ٻيو ڪيتريون ئي سبزيون ۽ ٻيا فصل جام ٿين ٿا شل اسان جي سنڌ سدائين سرسبز ۽ شاداب رهي ۽ سنڌو ندي سدائين موج ۽ مستيءَ سان پنهنجي ڇولين ۾ ڇلندي رهي. چمڪڻي! تون چمڪ پنهنجي چاهتن جي چول ۾، ٻئي اَبَرَ جي اوت مان، ڪجهـ مان بـ پايان جهول ۾.