نقل .......

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ آزاد خاصخيلي طرفان آندل موضوعَ ‏6 مئي 2016۔

  1. آزاد خاصخيلي

    آزاد خاصخيلي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 جون 2014
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    198
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    گولاڙچي
    سنڌ ۾ يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي هلندڙ امتحان ۾ ڪاپي جي ڌُم متل آهي، سمارٽ فونن ذريعي پيپر آئوٽ ٿيڻ وڌيڪ آسان بڻجي ويو آهي، ”واٽس ايپ“ اپليڪيشن امتحان حال ۾ خاموشي سان نقل ڪرڻ جو وڏو ذريعو بڻيل آهي، قلم 144 لاڳو هئڻ باوجود شهرن ۾ فوٽو اسٽيٽ جو ڪاروبار هلندڙ آهي، امتحاني سينٽرن جي ٻاهران نقل مافيائن جا ديرا قائم آهن، افسوس جهڙي ڳالھ آهي ته والدين توڙي پيغمبري پيشي سان لاڳاپيل استاد به هن ڪڌي ڪم ۾ اڳيان اڳيان آهن، حالت اها آهي ته نقل ڪرائيندڙن جي سرعام سينٽرن ۾ اچ وڃ جاري آهي، سينٽرن تي ڊيوٽي ڏيندڙپوليس اهلڪار شو پيس بڻيل آهن، انهن به انهي خير جي ڪم ۾ پنهنجو حصو ونڊايو آهي، نقل پهچائڻ ۾ سهولتڪار جو ڪردارادا ڪري رهيا آهن، هيرت جهڙي ڳالھ آهي ته اڄ جا والدين توڙي استاد اجائي رحم جي نالي تي شاگردن جو ٻيڙو ٻوڙي رهيا آهن، نقل ذريعي ٻارن جو مستقبل تباھ ٿي رهيو آهي، نقل ڪرڻ سبب شاگردن جي اهليت ۽ معيار ختم ٿيندو پيو وڃي، ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته والدين توڙي بورڊ انتظاميا ۽ تعليم کاتي جي ذميدارن ۽ اسان سڀني جي ذميداري آهي ته اسان هلندڙ امتحانن ۾ ڪاپي ڪلچر کي ختم ڪرائڻ ۾ پنهنجي حصي جو ڪم ڪريون ۽ اجائي رحم واري فيس ماسڪ کي لاهي ڦٽو ڪري حقيقت پسند ٿيون.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    نقل ڪيل اڳتي هلن بہ اوترا ئي ٿا. اڄڪلهہ اعلىٰ تعليم لاءِ داخلا کان وٺي نوڪري تائين هر شيءِ ۾ ٽيسٽ جو اچڻ هڪ سٺي روايت آهي جنهن سان رڳو نقل تي آيل رهجيو وڃن.
    باقي حڪومت چاهي تہ سڀ ڪجهہ ٿي سگهي ٿو. پر الائي ڇو ان پاسي ڌيان ناهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    تعليمي ادارن کي استاد ئي ھلائين ٿا منھنجي ناقص ذھن مطابق ان ڪاپي ڪلچر جا ذميوار اھي استاد ئي آھن. جيڪڏھن اسڪول کي ھلائيندڙ انتظاميه چاھي ته ان ڪاپي ڪلچر تي ڪافي ڪنٽرول ٿي سگھي ٿو. اھو منهنجو ذاتي ّخيال آھي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو