ڪيو حيران آ هتڙي اسان کي مرڪ ماڻهن جي ...

ڪيو حيران آ هتڙي اسان کي مرڪ ماڻهن جي
_________________________
ڪيو حيران آ هتڙي اسان کي مرڪ ماڻهن جي
اندر ۾ سوز ساڙي ٿو چپن تي مرڪ ماڻهن جي
سدان هي هن کلڻ کيرا هجن ٿا جيئن ڪي هيرا
پورب جن جي پيرن ۾ وڻي سڪ سرڪ ماڻهن جي
اسان سادا نه سمجهياسين سندن جو هو سلوڪ سهڻو
اسان ئي ڪئي خطا ڪا هئي حب ۾ حرک ماڻهن جي
پريشان دل نه ٿي هاڻي غمن جا ڏينهن گذري ويا
نه ٿي مايوس هاڻي تون نه جي تو پرک ماڻهن جي
اسان گگدام ٿي هاڻي گذاريون ٿا گهڙيون هردم
ائين ئي سڪ ساڻيه جي نه ٿي شل غرق ماڻهن جي
رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top