• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / ڇنڇر 07 مئي2016 / محمد خان سيال

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* سنڌ سرڪار مالياتي ايوارڊ لاءِ وفاق کي خط لکي ڇڏيو (خبر)
* * ڀلي ڪيڏا به خط لکو، پنجاب جي وزيراعظم تي فرق ناهي پوڻو (تبصرو)

* * پسند جي شادي ڪرڻ تي عورت جا وار ڪتريا ويا (خبر)
*...ڀلا مرد پسند جي شادي ڪري ته ان سان ڪهڙي جُٺ ٿيڻ گھرجي؟ (خبر)

* * دل جا آپريشن مفت ڪريو، خرچ ٻڌايو؟وڏو وزير (خبر)
*....۽ جنهن جو دماغ 94 ورهين جي ڄمار ۾ ڪم نه ڪري تنهن سان ڇا ڪجي؟ (تبصرو)

* عوام کي سکئي ستابي بڻائڻ لاءِ پائي پائي خرچ ڪئي ويندي: وزيراعظم نواز شريف (خبر)
* * پر شرط اهوآهي ته عوام رڳو پنجاب جو هئڻ گھرجي (تبصرو)

* سپريم ڪورٽ طرفان ڪراچيءَ مان غيرقانوني بل بورڊ ۽ هورڊنگس هٽائڻ جو حڪم (خبر)
* * ڀلا سارو ڪم، عدالتون ڪن ته قائم علي شاهه ڪهڙي مرض جي دوا آهي؟ (تبصرو)

* انفارميشن سوسائٽيءَ جو چيئرمن ۽ اعزازي سيڪريٽري غيرقانوني پلاٽَ وڪڻڻ تي گرفتار (خبر)
* * نيب کي اهڙي جٺ، سنڌي جماعت سوسائٽيءَ جي ريٽائر ڊ سيڪريٽريءَ سان ڪريَ؟ (تبصرو)

* انسان ذات کي ڪارل مارڪس جي نظرئي تي عمل ڪرڻ گھرجي: رسول بخش پليجو (خبر)
** ائين هجي ها ته اوهان 60 سنڌي ڪڇين جي قاتل بلوچ گينگوار جي عذيربلوچ جي گھر حاضري نه ڀريو ها (تبصرو).

* * سانگھڙ وفاقي سرڪار جي هٺ ڌرميءَ سبب پٺتي پيل آهي: لياقت بلوچ (خبر)
* پاڻ کي جي ايڇ ڪيو جو ماڻهو سڏرائيندڙ مرحوم پير پڳاري، سانگھڙ کي ڇو نه ترقي وٺرائي؟ مهتاب اڪبر راشدي جواب ڏئي (تبصرو)
 
Back
Top