• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : لڳين ٿو پيار جي قابل، ڀلي محبوب ماڻا ڪر

سجاد علي چنا

سينيئر رڪن
انتظامي رڪن
ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ
لڳين ٿو پيار جي قابل، ڀلي محبوب ماڻا ڪر،
موهي آ تو ڪيو مائل، ڀلي محبوب ماڻا ڪر،

ستم گر ٿي، بلاشڪ ٿي، اکين تي سڀ ستم تنهنجا
ڪانهي ڪا ڳالهه هيءَ مشڪل، ڀلي محبوب ماڻا ڪر،

اڙي ها پانڌ ڪپڙي جو، ڇني ڦاڙي ڇڏايان ها،
مگر تو سان اڙي آ دل، ڀلي محبوب ماڻا ڪر

لڳائي جان جي بازي، سهائي سر به اي سهڻا،
هميشه لاءِ ڪبُئي حاضر، ڀلي محبوب ماڻا ڪر

چوي ”اعجاز“ هتي آهن، هزارين ٻيا به سهڻا پر،
هٿان تنهنجي ٿيس بسمل، ڀلي محبوب ماڻا ڪر
********

آواز : عثمان فقير سولنگي
شاعري: اعجاز شاهه
 
Back
Top