• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ پياري شخصيت کي لفظن جي ڀيٽا۔۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
(منهنجي ٽٽل ڦٽل لفظن کي نه ڏسجو، بس جنهن جذبي سان هن شخصيت کي ڀيٽا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي انهي جذبي کي ڏسو)
ناز اسان جو تون ئي آهين، سائين نثار ٻيو ڇا ٿو چاهين.
سنڌ سلامت سُهڻو گُل آ، گُل جي تون ئي خوشبو آهين،
ناز اسان جو تون ئي آهين​
رهي سلامت حوصلو تنهنجو ، هر هڪ ڪم ۾ اڳرو آهين،
ناز اسان جو تون ئي آهين​
مون جهڙي هر بي همت جو، لفظن سان ٿو عزم وڌائين،
ناز اسان جو تون ئي آهين​
تنهنجو عزم مثال اسان لاءِ، پنهنجو پاڻ ادارو آهين.
ناز اسان جو تون ئي آهين​
وک وڌائي جوانن وانگيان ، ڇو ٿو جهونو پاڻ سڏائين،
ناز اسان جو تون ئي آهين​
سنڀري سڪري جي نڪرين ٿو، گهوٽ لڳين ٿو منهنجا سائين،
ناز اسان جو تون ئي آهين​
مست جو هي نعرو آ پيارو، ڪيئن ٿو سائين جلد ڀُلائين؟
ناز اسان جو تون ئي آهين​
 
جواب: هڪ پياري شخصيت کي لفظن جي ڀيٽا۔۔۔

هن نظم کي وڊيو جي صورت ۾ ارپڻ جي پڻ ڪوشش جاري آهي، بس ادو رنجيت واندڪائي وٺي ته ڪجهه اڳڀرائي ڪري انهي وڊيو کي به هتي ضرور آڻبو
 
جواب: هڪ پياري شخصيت کي لفظن جي ڀيٽا۔۔۔

واه سائين واه اصل سچ چيو اوهان۔۔۔۔
 
جواب: هڪ پياري شخصيت کي لفظن جي ڀيٽا۔۔۔

واه مست واه ، جڏهن مست، مستي تي چڙهندو آهي ته اهڙا سهڻا گيت لکي وجهندو آهي، نثار ناز ته اسانجي سر جو سائين آهي، دوستن جي محفل جو مور آهي، ناز پنهنجي سر پاڻ ناز آهي ۽ اسانکي به سندس تي ناز آهي ۔۔۔ پر اڄ جيڪا ناز تي شاعري ڪئي وئي آهي، ان ته اصل اسانکي ريسالو ڪري وڌو آهي ۔۔۔ چوندا آهن ته چڱي شئي سان ريس ڪجي ته جيئن ماڻهون پاڻ به چڱو ٿئي، انڪري نثار ناز سان ريس ڪري اسين به پاڻ کي ڪجهه اڳڀرو ڪري وجهون ۔۔۔ ته جيئن مست جهڙا دوست، وڌيڪ مست ٿين ۔۔۔

وک وڌائي جوانن وانگيان ، ڇو ٿو جهونو پاڻ سڏائين،
ناز اسان جو تون ئي آهين
 
جواب: هڪ پياري شخصيت کي لفظن جي ڀيٽا۔۔۔

(منهنجي ٽٽل ڦٽل لفظن کي نه ڏسجو، بس جنهن جذبي سان هن شخصيت کي ڀيٽا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي انهي جذبي کي ڏسو)
ناز اسان جو تون ئي آهين، سائين نثار ٻيو ڇا ٿو چاهين.
سنڌ سلامت سُهڻو گُل آ، گُل جي تون ئي خوشبو آهين،
ناز اسان جو تون ئي آهين​
رهي سلامت حوصلو تنهنجو ، هر هڪ ڪم ۾ اڳرو آهين،
ناز اسان جو تون ئي آهين​
مون جهڙي هر بي همت جو، لفظن سان ٿو عزم وڌائين،
ناز اسان جو تون ئي آهين​
تنهنجو عزم مثال اسان لاءِ، پنهنجو پاڻ ادارو آهين.
ناز اسان جو تون ئي آهين​
وک وڌائي جوانن وانگيان ، ڇو ٿو جهونو پاڻ سڏائين،
ناز اسان جو تون ئي آهين​
سنڀري سڪري جي نڪرين ٿو، گهوٽ لڳين ٿو منهنجا سائين،
ناز اسان جو تون ئي آهين​
مست جو هي نعرو آ پيارو، ڪيئن ٿو سائين جلد ڀُلائين؟
ناز اسان جو تون ئي آهين​
پيارا اسد ڄامشورائي۔ شال سدا سلامت جڙيو هُجين۔ مٺا، مون صفا ڏيهه جي ڌڪاريل ماڻهو  لا ايترو پيارو اوتيو آهي پنهنجي هن شاعري ۾!۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ قسم سان مان انهي جي لائق بلڪل ڪونه آهيان، آئون ته صفا جيتامڙو توهان سڀني دوستن جي پُرخلوص پيار جي سهاري صرف تڳان پيو ۽ پنهنجي جيون جو گاڏو ڪڏهن کلندي ۽‌ ڪڏهن روئندي ڌڪيان پيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ساري عمر هارايو اٿم۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڄاڻي ٻجهي !۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪنهن کي ڏک پهچائي جيت جو مزو ماڻيان اهو مون اڀرِي ماڻهو لا ممڪن ئي ڪونهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پنهنجي دل جي ڪتاب جي هر پني تي توهان سڀني سنڌ سلامت جي دوستن جا نالا لکيل آهن انهن نالن مان بلڪل ائين هڳا وٺندو آهيان ڄڻ ڪنهن گُلاب جي گُل جي خوشبو جو واس وٺبوآهي۔ دوست تو پنهنجي شاعري جي آخر ۾ لکيو آهي ته مست جو اهو نعرو آهي ڪيئن ٿو سائين جلد ڀلائين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ نه نه نه هرگز نه توهان دوستن کي وساريم ته ڄڻ پنهنجو پاڻ کي وساري ڇڏيندس، توهان کي وساريم ته ڄڻ‌ ڪنهن سُڳند کي وساريم ۽ جيڪي سُڳند کي وساريندا آهن اهي گهنگار هوُندا آهن۔۔۔۔۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مان توهان پيارن ماڻهن کي وساري گُناهه جو بار ڪيئن ڀلا پنهنجي ڪلهن تي کڻي ٿو سگهان۔ بس ادااها دُعا ٿو ڪري ڇڏيان ته جتي به هُجو پنهنجي پيارن سان سدائين اڻ‌ ڇُهيون خوشيون ماڻيندا رهو، ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ آمين لک لائق ادا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: هڪ پياري شخصيت کي لفظن جي ڀيٽا۔۔۔

واه مست واه ، جڏهن مست، مستي تي چڙهندو آهي ته اهڙا سهڻا گيت لکي وجهندو آهي، نثار ناز ته اسانجي سر جو سائين آهي، دوستن جي محفل جو مور آهي، ناز پنهنجي سر پاڻ ناز آهي ۽ اسانکي به سندس تي ناز آهي ۔۔۔ پر اڄ جيڪا ناز تي شاعري ڪئي وئي آهي، ان ته اصل اسانکي ريسالو ڪري وڌو آهي ۔۔۔ چوندا آهن ته چڱي شئي سان ريس ڪجي ته جيئن ماڻهون پاڻ به چڱو ٿئي، انڪري نثار ناز سان ريس ڪري اسين به پاڻ کي ڪجهه اڳڀرو ڪري وجهون ۔۔۔ ته جيئن مست جهڙا دوست، وڌيڪ مست ٿين ۔۔۔

سائين سٺي شئي جي ريس هتي ڪار آهي۔۔۔۔
سائين نثار ۽ اوهان جهڙا سنڌي سورمن جي لاءِ ڀل هزار صفحا لکجن تڏهن به سندن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ اهي ٿورا ٿا لڳن۔۔۔ :-@
 
جواب: هڪ پياري شخصيت کي لفظن جي ڀيٽا۔۔۔

پيارا اسد ڄامشورائي۔ شال سدا سلامت جڙيو هُجين۔ مٺا، مون صفا ڏيهه جي ڌڪاريل ماڻهو  لا ايترو پيارو اوتيو آهي پنهنجي هن شاعري ۾!۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ قسم سان مان انهي جي لائق بلڪل ڪونه آهيان، آئون ته صفا جيتامڙو توهان سڀني دوستن جي پُرخلوص پيار جي سهاري صرف تڳان پيو ۽ پنهنجي جيون جو گاڏو ڪڏهن کلندي ۽‌ ڪڏهن روئندي ڌڪيان پيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ساري عمر هارايو اٿم۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڄاڻي ٻجهي !۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪنهن کي ڏک پهچائي جيت جو مزو ماڻيان اهو مون اڀرِي ماڻهو لا ممڪن ئي ڪونهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پنهنجي دل جي ڪتاب جي هر پني تي توهان سڀني سنڌ سلامت جي دوستن جا نالا لکيل آهن انهن نالن مان بلڪل ائين هڳا وٺندو آهيان ڄڻ ڪنهن گُلاب جي گُل جي خوشبو جو واس وٺبوآهي۔ دوست تو پنهنجي شاعري جي آخر ۾ لکيو آهي ته مست جو اهو نعرو آهي ڪيئن ٿو سائين جلد ڀلائين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ نه نه نه هرگز نه توهان دوستن کي وساريم ته ڄڻ پنهنجو پاڻ کي وساري ڇڏيندس، توهان کي وساريم ته ڄڻ‌ ڪنهن سُڳند کي وساريم ۽ جيڪي سُڳند کي وساريندا آهن اهي گهنگار هوُندا آهن۔۔۔۔۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مان توهان پيارن ماڻهن کي وساري گُناهه جو بار ڪيئن ڀلا پنهنجي ڪلهن تي کڻي ٿو سگهان۔ بس ادااها دُعا ٿو ڪري ڇڏيان ته جتي به هُجو پنهنجي پيارن سان سدائين اڻ‌ ڇُهيون خوشيون ماڻيندا رهو، ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ آمين لک لائق ادا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

سائين اوهان جي اها ئي ته وڏي خوبي آهي جو اوهان پنهنجي ڪيل ڪم کي هميشه ٿورو ڀانئيو آهيو۔۔
بس سائين وڏي ظرف جي نشانين منجهان اها به هڪ نشاني آهي۔۔۔
باقي هي نعرو ته هميشه آهي، هميشه رهندو " ناز اسان جو تون ئي آهين۔" سنڌ سلامت ۽ اوهان جهڙا دوست هميشه اڳتي وڌندا رهن، ڪڏهن ڏک نه ڏسن
 
جواب: هڪ پياري شخصيت کي لفظن جي ڀيٽا۔۔۔

ڦلپوٽا سائين مهرباني
 
جواب: هڪ پياري شخصيت کي لفظن جي ڀيٽا۔۔۔

واهه ادا واهه مزو اچي ويو۔
 
جواب: هڪ پياري شخصيت کي لفظن جي ڀيٽا۔۔۔

واه مست واه ، جهڙو نالو تهڙا ڪم، اصل اسان کي به مست ڪري ڇڏيئي۔۔۔۔
اصل زبردست۔۔۔
 
آرزو توهان جي مهرباني جو اوهان هن مست جي ننڍڙي ڪوشش سان مست ٿي ويا۔۔۔
باقي ادا توهان آرزو ئي رهجو مست نه ٿجو، مست ٿيڻ ۾ وڏا ڏچا آهن۔۔۔۔
 
جواب: هڪ پياري شخصيت کي لفظن جي ڀيٽا۔۔۔

ادا مست! ير تو ته ڪمال ڪري ڇڏيو۔ صحيح‌ چوندا آهن ته جڏهن دل کي مستي چڙهندي آهي ته دل به تو وانگر مست ٿي اهڙا موتي پوئي انهن جي مالا ٺاهيندي آهي۔
اصل ير تُنهنجي ان شاعري تي ٻئي هٿ هوا ۾ ۽ ”جهان پناهه تسي گريٽ هو“۔۔۔

باقي ير وڊيو لا معافي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ دوستن سان ضرور ونڊ ڪندس۔۔۔۔
 
جواب: هڪ پياري شخصيت کي لفظن جي ڀيٽا۔۔۔

ادا مست! ير تو ته ڪمال ڪري ڇڏيو۔ صحيح‌ چوندا آهن ته جڏهن دل کي مستي چڙهندي آهي ته دل به تو وانگر مست ٿي اهڙا موتي پوئي انهن جي مالا ٺاهيندي آهي۔
اصل ير تُنهنجي ان شاعري تي ٻئي هٿ هوا ۾ ۽ ”جهان پناهه تسي گريٽ هو“۔۔۔

باقي يار وڊيو لا معافي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ دوستن سان ضرور ونڊ ڪندس۔۔۔۔

اُميد ته تنهنجي ڊرامي ۾ اهو سين ڏسڻ لاءِ ملندو۔۔۔ :)) :)) :))
 
Back
Top