رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
اسان کان ڪين وسرين تون
_______________________
اسا ن کان ڪين وسرين تون سڄو ئي لوڪ وسري ويو
محبت ساه ۾ سانڍي اندر ۾ عڪس اڪري ويو
تنهنجا ماڻا تنهنجو مستيون وڻي ويون روح کي رمزون
ائين ديدون دڳن ۾ هن سحر ۾ سج ڀي اڀري ويو
حسن تنهنجي جو آ حيراڪ من ماندو سدان تو لئه
بره بيباڪ ٿي باندي بيابانن ڏي نڪري ويو
ڪريو منهن سان مولاقاتون اندر کي ڪا اچي آسيس
نه روليو رمز سان راڻا انس افلاڪ اڏري ويو
سڄي هن روءِ ۾ تو لئه پڇا ئون يار پيارل ڪان
اسان لئه تون ئي بس ڪافي جڏهن کان عشق اسري ويو