خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / آچر 08 مئي / محمدخان سيال

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* دنيا جي بهتر 100 يونيورسٽين ۾ ايشيا جون 17 يونيورسٽيون شامل (خبر)
* *افسوس ته اسان جي هڪ به يونيورسٽي ان ۾ شامل ڪونهي (تبصرو)

* سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ گروهي ۽ شخصي ٽڪراءُ ڪٿي دنگ ڪندو؟ (خبر)
* * تعليم اڳيئي تباهه، مٿان اهڙا ٽڪراءَ، سنڌ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيندا (تبصرو)

* شاهه محمد شاهه وفاقي کاتن جي مقررين ۽ بدلين لاءِ پيسا وٺي ٿو: مخدوم عطاحسين (خبر)
** جنهن سان گڏ اسان، شاگرد تنظيمون ٺاهيون سو تڏهن ته اهڙو ڪونه هو (تبصرو)

*ميرپور خاص ضلعي ۾ 882 ماڻهو ايڊز ۾ ورتل (خبر)
* * ايڊز جا ضلعي اندر ايڏا مريض؟ صحت کاتو! ڪجهه ته شرم ڪري (تبصرو)

* بالاڻي، غلام مصطفى شاهه ۽ سردار چانڊئي تي 5 هرڻ مارڻ جو ڪيس داخل (خبر)
**سکڻو ڪيس داخل آهي يا کين سزا به ملندي؟ (تبصرو)

* گمبٽ جي ميونسپل آفيس تي نيب جو ڇاپو، 5 ورهين جو رڪارڊ ضبط (خبر)
* * ڇا سنڌ ۾ ڪو به اهڙو کاتو به آهي جيڪو شفاف هجي (تبصرو)

* پيدائش ۾ ساهي ڪريو، ماءُ ۽ ٻار جي صحت جو خيال ڪريو (خبر)
* * ....پر بي صبرا سنڌي، پيدائش ۾ ساهي ڪٿان ڪندا (تبصرو)

* ڊاڪٽر عاصم تي ساڍا 4 کربن جي فرد جرم لاڳو (خبر)
** ٿورو سوچيو...آصف زرداريءَ تي گھڻي لاڳو ٿيندي؟ (تبصرو)
 
* دنيا جي بهتر 100 يونيورسٽين ۾ ايشيا جون 17 يونيورسٽيون شامل (خبر)
* *افسوس ته اسان جي هڪ به يونيورسٽي ان ۾ شامل ڪونهي (تبصرو)

انڊيه جي به ڪابه يونيورسٽي ان ڊوڙ ۾ شامل نه آھي.

*ميرپور خاص ضلعي ۾ 882 ماڻهو ايڊز ۾ ورتل (خبر)
* * ايڊز جا ضلعي اندر ايڏا مريض؟ صحت کاتو! ڪجهه ته شرم ڪري (تبصرو)

ان ۾ صحت کاتي جو ڪھڙُو ڏوھ؟
 
سائين...کاتي جو مطلب ان جا سربراهه آهن ـ جيئن چئبو آهي: پاڪستان چيو....ان جو مطلب حڪمران هوندو آهي ـ
 
Back
Top