• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪا شيءِ جڏهن ٿي تنهنجي مقابل نظر اچي

سجاد علي چنا

سينيئر رڪن
انتظامي رڪن
ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ
ڪا شيءِ جڏهن ٿي تنهنجي مقابل نظر اچي،
تنهنجي شعاع سان ديد جي قابل نظر اچي.

ڪيڏي نه سادگيءَ سان چمي ٿو گلاب کي،
پر پنهنجي حسن کان پيو غافل نظر اچي.

پروردگار اهڙيون نگاهون عطا ٿين،
دلبر سدائين منهنجي مقابل نظر اچي.

هو منهنجو داستان ٻڌي ڏاڍو روئڻ لڳو،
هو به ٿو مون جيان مونکي گهائل نظر اچي.

اصغر سان هاڻي ان کي ملائي ڪو معجزو،
ورنه ٿي هر ڪا ڪاوش زائل نظر اچي.

******
شاعري : اصغر (مڪمل نالو خبر ناهي)
آواز: عبدالله ڪڇي (مرحوم)

 
Back
Top