سائين مرتضي ا ڏاڏاهي سوين رنگ شام و سحر ٿو ڏسان، زماني جو چالو چڪر ٿو ڏسان، ورهين کان جي ويران واهڻ هئا، اتي اڄ ته شاهي شهر ٿو ڏسان، جتي هئا بڻيل باغ ۽ بازاريون، اتي يار برباد، بر ٿو ڏسان، جتي خاندانن جا خانا هئا، اتي گرگلن جا ته گهر ٿو ڏسان، پليا جنهنجي پدر جي ٿي در تي هزار، انهن جا ته پنندي پسر ٿو ڏسان، جتي مرغ و بريان رڌا روز ٿي، اتي هاڻي گوبي ۽ گجر ٿو ڏسان، جتي لپ لسي هئي نڪي ڳڙ. ڳڙو، اتي کوڙ شير و شڪر ٿو ڏسان، ملي جن کي ورثي ۾. ''واري ''،. زمين، انهن وٽ به ڪارو ڪلر ٿو ڏسان، نه ٻڪري جي ٻچڙي جتي ٻوليو اتي اڄ وڇن جا ولر ٿو ڏسان، جتي گهر ۾ گڏهن جون هينگون هيون، اتي ڪار چارئي پهر ٿو ڏسان، نه ڪو مفلسن جو مددگار آهي، نه آه و فغان ۾ اثر ٿو ڏسان، جتي علم و فن وارا هوندا هئا، اتي بي علم، بي هنر ٿو ڏسان، سنگت ۾ نه صحبت صداقت رهي، نه ڪو قرب بو ڪٿ قدر ٿو ڏسان، حسينن جا هر هر نرالا نوان، عجب عاشقن لئه عذر ٿو ڏسان، سياست ۾ ٽنڊي الهيار کي، جهڏي کان به ڪافي ڪثر ٿو ڏسان، اتي آهي ڏاڏاه ڏيئي، کڏهرو، نه سي مور ماڻهو مگر ٿو ڏسان، ملي ''مرتضي ا''،. جن سان مسرور ٿئي، نه سي يار جاني جگر ٿو ڏسان،
سيد مرتضي ا ڏاڏاهي رسي وڃ نه راڻا، دنيا جي چوڻ تي، مري مفت ويندس، مٺا منهن مٽڻ تي، گهڻيون لوڪ ڳالهيون گهڙيندو ئي رهندو، سڙن ٿا سڀيئي،. پنهنجي مرڪي ملڻ تي، زماني وڇوڙي ڇڏيا ڪئين هزارين، ڪڏهن رحم نه آيس ڪنهنجي رئڻ تي، ڪڏهن پاڻ سان گڏ وٺي هوئين ويندو، مگر، اڄ. اٿئي عار، منهنجي اچڻ تي، مڃي ''مرتضي ا ''جا عرض عاجزانا، خفا ٿي نه منهنجي محبت ڪرڻ تي،