رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
امڙ جو ڪوئي بدل نه آهي
________________________________
امڙ جو ڪوئي بدل نه آهي هي ممتا اهڙي مٺي موچاري
سدائين سانگو سڪ سڏي پئي اولاد جنهن کي سڀ کان پياري
ڪهڙا ڳڻ مان ٻڌايان ڳالهيون ٻچن جو اونو فڪر آ جنهن کي
نه گره کائي جو دير ٿي ٿي ٻچن تي ورندي سدائين واري
مهينا نون هو پيٽ پنهنجي رکي ٿي توکي ڏکيو رهي پر
هميشه هن جي اندر ۾ اتساه ڏيءَ پٽ لئه ڪري تياري
ننڍ پڻ ۾ ٿي توکي نپائي پير پير ٿي بانبڙا پارائي
سڀ کان وڌ جنهن کي اونوتولئه ٻاجهاري ٻولي امان اچاري
ڪڏهن نه ڪوسي ٿي پنهنجي ٻچڙن دل سان ڏي ٿي سدان دعائون
اڪير ۾ ٿي اٿي پوي جي ٻار روئندي رات امڙ آ ساري
پير جنهن جي ۾ جنتون سڀ خدا وڌائيو آ مان جنهن جو
اها هي هستي سدان محبت وڌائي ونڊ ٿي وڏو ويچاري