• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گوگل فائيٽ

وحيد سمون

سينيئر رڪن
هي گوگل جي هڪ دلچسپ ويب سائيٽ آهي۔ هن ويب سائيٽ تي توهان ڪن به ٻن (ڪي ورڊز) کي ٽائيپ ڪريو ۽ انهن کي پاڻ ۾ وڙهايو ۽ ڏسو ته انهن مان ڪير ٿو کٽي۔
مثال طور مون چانهن ۽ ڪافي جي وچ ۾ مقابلو ڪرايو، منهنجي سامهون چانهن جي حق ۾ 53500000 جڏهن ته ڪافي کي 37200000 ووٽ مليا يعني چانهن کي سڀ کان وڌيڪ ووٽ مليا۔ هن لڙائي کي توهان فليش اينيميشن ۾ پڻ ڏسي سگهو ٿا۔ ان کانسواءِ هتي مشهور ڪمپينين ۽ شخصيتن جي فهرست به موجود آهي جنهن کي توهان پاڻ ۾ وڙهندو ڏسي سگهو ٿا۔


50921939.jpg

گوگل فائيٽ تي وڃڻ لاءِ هت ڪلڪ ڪريو[/CENTER]
 
واه ادا رشيد واه تمام پياري شيئرنگ آهي ادا اهڙي لاجواب شيئرنگ جي لاء تمام گهڻي مهرباني مٺا پريين شل جڙيو هجين ۽ آبار رهين
 
واه ادا رشيد واه تمام پياري شيئرنگ آهي ادا اهڙي لاجواب شيئرنگ جي لاء تمام گهڻي مهرباني مٺا پريين شل جڙيو هجين ۽ آبار رهين

ادا علي علي لڳي ٿو توهان واقعي به ڏاڍا مصروف آهيو۔۔۔ تڏهن ته توهان کي اها خبر پئجي نه سگهي ته هي تحرير ته وحيد سمون موڪلي آهي۔۔۔۔
توهان کي ٻڌائيندو هلان ته وحيد سمون منهنجا ڀاء آهن شايد ان ڪري ئي انهن جي ۽ منهنجي تحريرن ۾ هڪجهڙائي نظر پئي اچي۔۔۔ توهان ته نه انهن کي گلن جا تحفه ڏنا آهن ۽ نه وري خوش آمديد چئي انهن کي تعارف ڪرائڻ جو زور ڀريو آهي۔۔۔
بحرحال ادا وحيد توهان جي مهرباني جو مختلف ۽ دلچسپ سائيٽ بابت آگاهي ڏنوَ۔۔۔ پنهنجي مصرفيتن مان ٿورو وڌيڪ وقت ڪڍي سنگت کي ڪجهه پنهنجي باري ۾ به ٻڌايو۔۔۔
 
ادا، علي علي الله سائين مڪي ۽ مديني جو ديدار ڪرائيندءِ وحيد کي رشيد ۽ رشيد کي وحيد، مٺا مصروفيتين جي ڪري توهان جي ميموري گهٽجي وئي آهي۔

او ادا اڌ نالي ڀائي (ادا وحيد) جيترو جلد ٿي سگهي تعارف ڪراءِ، نه ته موچارو مولو، ويچارو ولو، سوچيندي سوچيندي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔؟
 
Back
Top