انگريز ملڪ جي عورت پنهنجي مڙس جي گم شدگي جي رپورٽ لکرائڻ لاءِ نزديڪي پوليس اسٽيشن وئي ۔۔۔۔
عورت؛ منهنجو مڙس گم ٿي ويو آهي۔۔۔۔
انسپيڪٽر؛ سندس قد ڪيترو هو۔۔۔۔؟
عورت؛ مون کي ياد ناهي۔۔۔۔
انسپيڪٽر؛ صحت ڪيئن هيس ۽ ڇا سمارٽ هو۔۔۔؟
عورت؛ جي نه۔۔۔ سمارٽ نه هو
انسپيڪٽر؛ اکين جو رنگ۔۔۔؟
عورت؛ ياد ناهي۔۔۔
انسپيڪٽر؛ وارن جو رنگ۔۔۔۔؟
عورت؛ شايد ۔۔۔۔۔ ڪارو۔۔۔۔
انسپيڪٽر؛ ڪهڙي رنگ جا ڪپڙا پاتل هيس۔۔۔۔؟
عورت؛ همممم۔۔۔۔ ياد ناهي۔۔۔۔
انسپيڪٽر؛ ڇا ڪو گڏ اٿس۔۔۔۔؟
عورت؛ ها منهنجو پيارو ڪتو روميو۔۔۔۔ جنهن کي سنهري زنجير ٻڌل هئي۔۔۔۔ هن جو قد 30 انچ ۔۔۔ صحتمند۔۔۔ نيريون اکيون۔۔۔ ڀوري رنگ جا وارا۔۔۔ ۽ ان جا کاٻي پير جي آڱوٺي جو نهن ٿورو لٿل آهي۔۔۔ منهنجو اهو پيارو ڪتو ڀونڪندو به ناهي۔۔۔ کيس ڳلي ۾ خوبصورت سنهري پٽو جنهن جي وچ ۾ نيرو هيرو لڳل آهي۔۔۔۔ هي گوشت کائڻ پسند ڪندو آهي ۔۔۔ اسان ٻئي گڏ کائيندا هئاسي۔۔۔۔ (اهو چوندي عورت روئي ڏنو۔۔)
انسپيڪٽر؛ ڇو نه پهريان ڪتي کي ڳوليون۔۔۔۔۔۔!!!!