خبرون تي ٽيڪاٽپڻي ـ محمد خان سيال ـ سومر 09 مئي 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* اسان کي وزيراعظم نه پر جمهوريت پياري آهي: مولابخش چانڊيو (خبر)
* * مولوَ ڄٽ! ائين چئو ته اوهان کي جمهوريت نه پر “سنڌ ۾ ڪرپشن” پياري آهي (تبصرو)

* نواز شريف جو اقتدار ۾ اچڻ زرداريءَ جو ڪمال آهي: مولابخش چانڊيو (خبر)
* * ......۽ سنڌ ۾ ڪرپٽ سرڪار جا ڳڻ ڳائڻ “مولُو ڄٽَ” جو ڪمال آهي! (تبصرو)

* لکيءَ ۾ نينگر تشدد ڪري قتل، ٻوريءَ بند لاش ملي ويو (خبر)
* * .. ايم ڪيو ايم وارا لکي غلام شاهه به پهچي ويا ڇا؟ (تبصرو)

* حيدرآباد ۾ اکين جي اسپتال، ڪاغذن ۾ اپ گريڊ (خبر)
* * اهو آهي قائم علي شاهه سرڪار جو: ڏينهن ڏٺي جو اکين ۾ سُرمو پائڻ (تبصرو)

* حيدرآباد: ٽُڪن واري سرنج ڀنگين ذريعي ڪٻاڙين کي وڪڻڻ جو انڪشاف (خبر)
* * ڪجھه ته شرم ڪريو ۽ نه اٿوَ ته ڪنهن کان اوڌر تي کڻي وٺو....!!(تبصرو)

* سنڌ سرڪار مٺي ڪيڊٽ ڪاليج جو ڪم بند ڪرائي ڇڏيو (خبر)
* * ...هوندو ڪو مال کائڻ جو وڏو چڪر...!! (تبصرو)
 
Back
Top