محمد صديق "مسافر '' ويساک جو مهينو، جنهن ۾ لڪون ۽ جهولا، ڄڻ آسمان اڇليا ٿي گرم گرم گولا، گذريو ٿي ڏينهن ڏکيرو، پر رات جو به رولا، ڪن کي پکا هٿن ۾،. ڪن جا کُڏن کٽولا، 'ٿڌڪار ڪا ٿئي ''' هئي، ائ وات سڀ جي وائي، 'ري مينهن مهر''،. جي ٻي آڌر سجهي نه ڪائي، هارين هينئان لهي ويا، دل سست ڪئي سنگهارن، پروردگار پل پل، پي ياد ڪيو پهنوارن، ٿي. بيقرار فطرت،. پسنديئي. بيقرارن، پيو ٿرٿلو فلڪ ۾، منجه نکترن سيارن، ات عرش جو هينئون پڻ، بي اختيار ٿي پيو، هارڻ هنجن جي ڪارڻ، تهدل تيار ٿي پيو، مولي ا جي مهر برسي، ڌرتي جي اڃ اجهاڻي، سرسبز سينو ان جو،. مرڪي هينئر نماڻي، ٿر بر تلاء تراين،. پلٽيو پلر جو پاڻي، گل ڦل ٽڙيا ولين ۾،. وڻڪار موج ماڻي، برسات رئ بکن ۾،. جي ٿي ويا ها پورا، ٽپيو ڏين ٿا ٽاڏون،. اڄ ڍور سي سمورا، اڀ کي ڏني امانت، ڌرتئ بخار سان جا، اڀ ڪئي ادا امانت، لڙڪن قطار سان سا، قدرت ڪشش ٻنهي ۾، ڪئي اهڙي ڪار سا، ڪثرت ۾ نقطو وحدت، لاٿائين تار سان ڇا، پوء موج ۾ ''، مسافر ''برسات ڇو نه آڻي؟ ٿو ذرو ذرو جنهن جو،. تن کي تکو ئي تاڻي،