امڙ عظيم شخصيت آهي. مجيب سنڌي دنيا جي هر انسان لاءِ قدرت جي طرفان دنيا ۾ هڪ عظيم تحفو، هڪ عظيم نعمت ۽ هڪ عظيم رشتو عطا ٿيل آهي، جيڪو رشتو ۽ تحفو جيجل امڙ جي صورت ۾ مليل آهي، دنيا جي هن جهنگل ۾ بدنصيب آهن اهي ماڻهو جن جي جيجل امڙ هن فاني جهان ۾ ناهي رهي ۽ سک ۽ سلامتي جهڙين عظيم دعائن کان محروم آهن، سچي ۽ بي لوث محبت کان محروم آهن، امڙ اها عظيم شخصيت آهي جيڪا پنهنجي اولاد لاءِ دعائن جا انبار دل ۾ رکندي آهي هر وقت هر پل الله پاڪ جي آڏو صرف ۽ صرف پنهنجي اولاد لاءِ سُکي زندگي جون دعائون ڪندي رهندي آهي، امڙ اها آهي جيڪا اولاد جي دير سان گهر موٽي اچڻ تي بيچين هوندي آهي، پريشان هوندي آهي، امڙ اها آهي جيڪا اولاد جا کيسا نه پر پيٽ ڏسندي آهي ته ڪٿي منهنجي ٻچڙي جو پيٽ خالي ته ناهي. عجيب آهن اهي ماڻهو جيڪي امڙ جهڙي عظيم شخصيت عظيم هستي لاءِ پوري سال ۾ صرف هڪ ڏينهن ئي مخصوص سمجهندا آهن يا ملهائيندا آهن، ان امڙ لاءِ هڪ ڏينهن مخصوص ڪيو ويو آهي جيڪا پنهنجي اولاد لاءِ هر ڏينهن هر وقت هر پل هر گهڙي مخصوص ڪندي آهي، جڏهن ته امڙ جو پيار، امڙ جون دعائون پنهنجي اولاد لاءِ هر ڏينهن هر وقت هر پل هونديون آهن، افسوس آهي ته اڄڪلهه جو انسان جنهن کي جيجل امڙ پنهنجي ڪُک مان جنميو آهي، ڄمڻ کانپوءِ ڪو خان، ڪو پير، ڪو مير، ته ڪو صاحب سڏائي ٿو پر خان، پير، مير ۽ صاحب ٿيڻ ۽ سڏائڻ جي باوجود به جيجل امڙ جهڙي عظيم شخصيت کي نه سڃاڻي سگهيو آهي جو ان لاءِ سڄي سال ۾ صرف هڪ ئي ڏينهن مقرر ڪيو ويو آهي، امڙ لاءِ سڄي سال، سڄي مهيني ۽ سڄي هفتي جا سمورا ڏينهن مخصوص هجڻ گهرجن تڏهن به امڙ جي پيار ۽ شفقت جي برابر نه آهي. جيجل امڙ جي بي لوث پيار ۽ محبت کي ڪڏهن به سهيڙي سميٽي يا توري ماپي نه ٿو سگهجي، ڪُل ڪائنات جي سمورين ايجادن توڙي پوري دنيا جي مال ملڪيت کي هڪ هنڌ گڏ ڪجي ۽ ڀيٽي ڏسجي ته تڏهن به ممڪن ناهي ته امڙ جي پيار جي ڪمي پوري ٿي سگهي، الله پاڪ پاڻ فرمايو آهي ته اي انسان تنهنجي جنت تنهنجي ماءُ جي پيرن هيٺان آهي، جنهن امڙ جي پيرن هيٺان جنت هجي ته ان جي پيار ۽ پاٻوهه کي ڪيئن ٿو ماپي توري سگهجي يا ان جي ڪنهن به ٻي شيءِ سان ڀيٽ ڪري سگهجي، امڙ، اها امڙ جنهن جو ديدار ڪرڻ ۽ جنهن کي مرڪي ڏسڻ به ثواب آهي. منهنجي امڙ (رحيما) جڏهن جيئري هئي ته مان به اهو ثواب روز ڪمائيندو هوس، امڙ جي جهولي، امڙ جون ڏنل مٺيون اڄ به محسوس ڪندو آهيان مون کي دنيا جي هن جهنگل ۾ امڙ ئي جيئڻ سيکاريو هلڻ سيکاريو آهي، جنهن مون کي شعور ڏنو، عقل ڏنو، فهم ڏنو ۽ فضيلت سيکاري، امڙ جيڪا هاڻي هن فاني دنيا ۾ ناهي رهي ان جي ڪمي مون کي هر وقت هر پل محسوس ٿيندي آهي، امڙ جون آٿتون، دلاسا ۽ پيار مون کي ڪڏهن به نٿو وسري سگهي جن جي سهاري هن وقت تائين جيئان پيو ۽ جيئندو رهندس جيستائين زندگي آهي، امڙ جون انيڪ دعائون آهن جن جي سهاري دنيا جي هر اڙانگي پنڌ تان گذرندي ڪا به هٻڪ محسوس نه ٿيندي آهي ۽ زندگي جي ڪٺن سفر ۾ امڙ جي دعائن سان اڪيلو ئي زندگي بسر ڪيان پيو ۽ ڪندو رهندس، ڌڻي در دعا آهي ته هر انسان جي امڙ سدا سلامت ۽ سکي هجي، الله پاڪ هر انسان جي امڙ کي سٺي صحت ۽ وڏي ڄمار عطا فرمائي ۽ اولاد کي سندس خدمت ڪندڙ ۽ ڀرجهلو بڻائي. منهنجي جيجل امڙ 20 سيٽمبر 2012ع جي اڀاڳي ڏينهن هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري وئي، جنهن جي پيار، محبت، شفقت ۽ سهاري جي ڪمي اڄ تائين محسوس ٿئي پئي، امڙ جي وڇوڙي جهوري وڌو آهي ۽ بابا سائين 19 اپريل 2013ع جي اڀاڳي ڏينهن وفات ڪري ويو، والدين جي وڇوڙي کان پوءِ يتيمي جو احساس اڄ تائين محسوس ڪندي اکيون ڀرجي اينديون آهن، دعا آهي ته امان ۽ بابا کي الله پاڪ جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي. Mk.sindhi123@gmail.com