• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هي لوڙائو ويو لهندو .....

هي لوڙائوويو لهندو ......
____________________

هي لوڙائو ويو لهندو اندر ۾ خيال خلوت جو
ڀري پيو هي بدن ڀورا عشق ٿي ويو عادت جو
زمانو ٿيو ظلم سهندي اڪيلو هو هتي انسان
هي پاپي پاڻ آ پنهنجو نه ڪو ٻيو هن جي رغبت جو
فڪر ۾ سڀ فنا ٿي ويو اداسي آرزو اڄ ڀي
نه پورو ڪو ٿيو فرمان محبت ۾ هي مدت جو
سفر ڪيڏو ڪيو سڪ ۾ هلي پيو هوت جبلن مان
اتي ئي آ کڙو انسان ڪيو پنڌ پيار جو پت جو
آهي ڄڻ ڪله ٿيو هانڃو اڃا آ ياد ياري ءَ جو
ٽٽي هئي دل ۽ دلبر ٿيو مٺا ماڻهو عداوت جو

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top