ٿيو آ مله اسان جو هت .....

ٿيو آ مله اسان جو هت .....

ٿيو آ مله اسان جو هت هجي جيئن ڪو ٽڪو کوٽو
سڄي ڪوڙي هي دنيا آ پرين ڀي روح ۾ رهٽو
بازارن هلي ڪوڙي ملمه ٿيل مٺي محبت
نه سچ کي ڪوئي سوچي ٿو هڻي سگريٽ جيئن سوٽو
جلائي ويو جنبش ۾ جيءُ هٿڙا هاڻي هڻندو آ
جواني وئي گذر ٿي سڀ هوا ۾ پينگه جيئن جهوٽو
مثالي پنهنجي محبت هئي زبان تي ورد واه واه جو
ڀڄي سڀ ڀور ٿي پيو ڇو راهيل روح ۾ ٻوٽو
مثنوعي محبت ۾ حقيقت حال کان وياسين
رمزن ۾ رسڻ ئي آ هجي پاڻيءَ جيئن ڦوٽو

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top