ماضيء جو آئينو؛ ” باغ وارن جو قصو“ شفيق شاڪر آڳاٽي زماني ۾ هڪڙو ماڻهو تمام مالدار ۽ خداترس هو.پنهن جي زمين جي اپت مان فقيرن،يتيمن ۽ محتاجن کي پنهن جو حصو خوشيء سان ادا ڪندو هو.جڏهن هو گذاري ويو ته پويان اولاد ۾ اهڙا وارث ڇڏيائين جن کي دولت سان اجايو پيار هو.جڏهن هميشه جيان ميون ۽ ٻنين جي لاباري جو وقت آيو ته انهن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته ” اسان جو پيء ته نهايت ئي سادو ۽ بيوقوف هو جيڪو پنهن جي ٻنين ۽ باغن جي اپت جو هڪ وڏو حصو اجايو هنن فقيرن ۽ مسڪينن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو.اسان اهڙا بيوقوف ناهيون جو پنهن جي محنت ۽ دولت کي ايئن اجايو سوالين ۾ ورهائي زيان ڪري ڇڏيون.“ نيٺ صلاح اها بيٺي ته ميوا ۽ فصل تيار آهن سو انهن جي ڪپڻ ۾ ايتري ته جلدي ڪجي جو مسڪينن جي پهچڻ ۽ سوال ڪرڻ کان پهرين انهن ميون ۽ فصلن کي ڪپي گودامن ۾ محفوظ ڪري ڇڏجي جتان انهن کي آرام سان کپائجي.آخر ايندڙ ڏينهن تي سج اڀرڻ کان اڳ فصل ۽ ميوا ڪپڻ جو پروگرام جڙي ويو.اهي هڪٻئي کي چوڻ لڳا ” جلدي هلو متان مسڪينن کي ڪا کڙڪ پئجي وڃي ۽ هو ٻنيء تي پهچي اسان کي خيرات لاء تنگ ڪرڻ لڳڻ. هڪ طرف اهي بخيل ۽ ناخداترس پاڻ ۾ اهو مشورو ڪري رهيا هئا ته خدا جي سموري عطا ڪيل خزاني تي نانگ بڻجي ويهي رهن ۽ انهيء مان نه خدا جو ۽ نه ئي خدا جي بندن جو ڪو مقرر ٿيل حق ڏيندا.ٻئي طرف انهن سمورن خزانن جواصل مالڪ ۽ ڪائنات جو اڪيلو بادشاه ڪجھ ٻيو فيصلو ڪري چڪو هو. جڏهن اهي ٻئي ڏينهن تي هوس ڀريل دلين ۽ عبرت کان محروم اکين سان پوک ۾ پهتا ته اتي ته ڪجھ به نه هو سواء سڙيل فصلن ۽ سندن اڻ پورين حسرتن جي لاشن جي! اهڙي ته گرم هوا گھلي جنهن سيڪنڊن ۾ سڀ ڪجھ ساڙي ناس ڪري ڇڏيو.رات جي اونده ۾ جڏهن هنن آس پاس نهاريو ته کين گمان ٿيو ته شايد اهي ڀلجي ڪنهن ٻي جڳھ تي پهتا آهن پر ايئن نه هو. باغ به اهوئي هو ۽ ٻنيون به ساڳيون هيون پر قدرت سندن بدنيتيء جي نحوست ڪارڻ سندن هٿن مان دولت ۽ انهيء جي استعمال جا اختيار کسي ورتا هئا. تاريخ ۾ انسان سدائين ان غلطفهميء جو شڪار رهندو پيو اچي ته جيڪي ڪجھ هن ڪمايو آهي يا جيڪا دولت هن وٽ موجود آهي انهيء تي صرف هن جوئي ذاتي حق آهي حالانڪه خدا عزوجل هن ڪائنات ۾ معاشي توازن برقرار رکڻ لاء جنهن وٽ وسيلا موجود ناهن ان کي ٻين جي وسيلن ۾ ڀائيوار ڪيو آهي.جيڪڏهن پوري دنيا ۾ ڪو هڪڙو انسان به بک وگھي مري ٿو ته انهيء جي گڏيل ذميداري انهن سمورن انسانن تي عائد ٿئي ٿي جيڪي وسيلا رکڻ باوجود مانيء جو ڳڀو ان تائين پهچائي نه سگھيا. قرآن ڪريم ان معاملي ۾ تمام سخت وعيد ٻڌائي آهي ته ” ۽ جيڪي ماڻهو سون چاندي گڏ ڪري رکن ٿا ۽ ان کي اللھ جي راه ۾ خرچ نٿا ڪن ته اهڙن ماڻهن کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏ.“ اهڙو ئي ماضيء جوهڪ ٻيو آئينو قرآن ڪريم اسان کي هنن لفظن ۾ ڏيکاريو آهي. ” ۽ (اي رسول!) ماڻهن کي هڪ ٻيو مثال ٻڌاء. ٻه شخص هئا جن مان هڪڙي کي اسان انگورن جا ٻه باغ ڏنا هئا،جن جي چوڌاريء لڳاتار کجين جا وڻ هئا ۽ وچ واري زمين ۾ پوک هئي.بس پوء ايئن ٿيو جو اهي ٻئي باغ ميون سان اٽجي ويا ۽ اپت ۾ ڪنهن به قسم جي گھٽتائي نه ٿي.اسان انهن جي وچان پاڻي پهچائڻ لاء هڪ ندي جاري ڪري ڇڏي.نتيجو ڇا نڪتو جو اهو ماڻهو گھڻو امير ٿي ويو سو هڪ ڏينهن آڪڙ ۾ اچي پنهن جي هڪ ٻئي دوست جنهن وٽ اها دولت نه هئي تنهن کي چوڻ لڳو ته ڏس! آئون توکان وڌيڪ مالدار آهيان ۽ منهن جو جٿو به طاقتور جٿو آهي.اهي ڳالهيون ڪندي هو پنهن جي باغ ۾ ويو پر هو پنهن جو نقصان ڪرڻ وارو هو.چوڻ لڳو ته آئون نٿو سمجھان ته ههڙو سرسبز باغ به ڪڏهن ويران ٿي سگھي ٿو! آئون نٿو سمجھان ته ڪا قيامت ٿيندي پر جيڪر قيامت ٿي به سهي ۽ مون کي پنهن جي پروردگار طرف موٽايو به ويو ته مون کي ڪهڙو کٽڪو آهي جو مون کي ته اتي به هن کان به بهتر جڳھ ملي ويندي..اهو ٻڌي هن جي دوست چيو ته ڇا تون اهڙيء ذات جو انڪار ڪرين ٿو جنهن توکي پهرين مٽيء مان پوء نطفي مان وجود بخشيو ۽ پوء ان کي ماڻهوء جي شڪل ۾ نروار ڪيائين! پر آئون ته يقين رکان ٿو ته اهو ئي اللھ منهن جو پاليندڙ آهي ۽ آئون پنهن جي پروردگار سان ڪنهن کي به شريڪ نٿو سمجھان.پوء جڏهن تون پنهن جي باغ ۾ آئئين ۽ تو ان جي سرسبزي ۽ ساوڪ ڏٺي ته تو ايئين ڇونه چيو ته اهو ئي ٿئي ٿو جيڪي اللھ چاهي ٿو،سندس مدد کان سواء ڪو ڪجھ به ڪري نٿو سگھي.۽ هي جو توکي ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته آئون مال ۽ اولاد ۾ توکان گھٽ آهيان ته ان تي غرور نه ڪر.ڪهڙو عجب جو منهن جو پروردگار مون کي ان باغ کان به بهتر باغ عطا ڪري ڇڏي ۽ تنهن جي باغ تي آسمان مان ڪا اهڙي شيء نازل ڪري ڇڏي جو اهو سڌو ميدان بڻجي ڪري رهجي وڃي يا برباديء جي ڪا ٻي صورت نڪري پوي!مثال ان جي نهر جو پاڻي بلڪل هيٺ هليو وڃي ۽ تون ڪنهن به طرح ان تائين پهچي نه سگھين. پوء (اي رسول!) ايئن ئي ٿيو جو هن جي دولت برباديء جي وڪڙ ۾ اچي ويئي.هو هٿ مليندي افسوس ڪرڻ لڳوته انهن باغن جي ترتيب تي مون ڇا ڇا نه خرچ ڪيو هو،اهو سڀ ڪجھ برباد ٿي ويو ۽ باغن جي اها حالت ٿي ويئي جو سڀ ڪجھ زمين ملي زمين برابر ٿي ويئي.هاڻي هو چوڻ لڳو ته ڪاش! آئون پنهن جي پرودگار سان ٻئي کي شريڪ نه ڪيان ها.۽ (اي رسول!)ڏس، ڪو اهڙو لشڪر نه هو جيڪو اللھ کان سواء هن جي مدد ڪري ها ۽ نه هن ۾ پاڻ اها طاقت هئي جو برباديء کان کٽي وڃي.بس سمورو اختيار اللھ وٽ آهي جيڪو بهتر بدلو ڏيندڙ آهي ۽ هن جي وس ۾ ئي بهتر انجام آهي.“ http://sindhsujag.blogspot.com