خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / اڱارو 10 مئي 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* ٿر ۾ سرنج ختم، 63 ٻار ويڪسين کان محروم (خبر)
* * ڳڻتي نه ڪريو، قائم علي شاهه ننڊ مان سجاڳ ٿيندو ته ضرور ڪارروائي ڪندو(تبصرو)

* زالون مڙسن سان ساليانو 8 هزار منٽ وڙهنديون رهنديون آهن، سروري رپورٽ (خبر)
* * ..پر اسان وٽ ته24 ڪلاڪ ئي ٻنهي جو هڪٻئي سان جھيڙو هلندو آهي (تبصرو)

* ٿر ۾ اسڪولن تي ڇاپا، هيڊماسترياڻي 4 مهينن کان لاپتا (خبر)
* * ...ٿي سگھي ٿو ته ريٽائرمنٽ مهل ظاهر ٿئي! (تبصرو)

* خيرپور ۾ جر َ جي پاڻيءَ ۾ سنکئي جو آزار وڌي ويو (خبر)
* * ...تڏهن ته سيد قائم علي شاهه “پاڻي” پيئڻ کان پاسو ڪندو آهي (تبصرو)

* گمبٽ تعلقي لاءِ ٺاهيل 9 آر اوز پلانٽ بيڪار (خبر)
* * اهڙي جٺ ساري سنڌ جي آراوز سان ڪئي اٿن (تبصرو)

* جواني جيلن ۾ گذري وئي، پارٽيءَ قدر نه ڪيو، جوهيءَ جو جيالو بشيرٿهيم (خبر)
* * زرداريءَ جي حڪمرانيءَ ۾ جيئڻ جو حق مليوَ اٿو، اها ئي وڏي ڳالهه آهي (تبصرو)

* ميرپور ماٿيلي ۾ مائٽن طرفان ڇوڪري ڏيڍ لک ۾ وڪرو، ڀاءُ پاڻ کي باهه ڏني (خبر)
* * لڳي ٿو سنڌي به هاڻي ڏوڪڙن جي پويان، پنهنجا رشتا ناتا وساري ويٺا آهن (تبصرو)

* لاڙڪاڻي ۾ بي سي سرنج اڻ لڀ، 60 هزار ٻار ٽُڪن کان محروم (خبر)
* * فريال ٽالپر جي راڄ ۾ به چڱائيءَ جي اميد رکوَ ٿا ڇا؟ (تبصرو)
 
Back
Top