• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پٺاڻ قومپرست اڳواڻ اسفند يار ولي طرفان ڌرتي جي توهين ۽ نواز شريف سان وفاداري

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
فيس بوڪ تي وڊيو ڏسي مان ته اچرج ۾ پئجي ويس ته پٺاڻ قومپرست ليڊر اسفند يار ولي ڪيڏو نه ڪِري پيو آهي جو پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ ته بدزباني ۽ توهين وارا لفظَ ڪتب آڻڻ ۾ شرم محسوس ڪونه ٿو ڪري پر ”پنجاب جي وزيراعظم “ نواز شريف سان وفاداري نڀائڻ لاءِ ڪيڏو نه آتو آهي! چون ٿا ته قومپرست جڏهن پنهنجو ضمير وڪڻندا آهن ته ائين ئي ٿيندو آهي؟
اسفند يار ولي فرمائي ٿو: ”ڀاڙ ۾ وڃي هيءُ وطن، ڀاڙ ۾ وڃي هيءُ شهر، ڀاڙ ۾ وڃي هيءُ ڳوٺ، جيڪي ماڻهو مرن ٿا، سي مرڻ ڏيو، جيستائين مان زندهه آهيان، نواز شريف کان استعيفا ڪنهن جو پيءُ به وٺي ڪونه ٿو سگھي“ ـ
سنڌي قومپرستن کي گھرجي ته اسفند يار ولي جي اهڙن رمارڪس تي پنهنجي راءِ ظاهر ڪن ـ
https://www.facebook.com/gonawazgo44/posts/1754232231479246?fref=nf&pnref=story
 
Back
Top