غزل. مجيب سنڌي

مجيب سنڌي ڪورائي

سينيئر رڪن
11350549_849890825090467_5282319434455378911_n.jpg



تارن جي آ ڪيڏي ياري

هيڏي هوڏي هن چوڌاري


ٽيڙو ڪَتيءَ پوڇڙ تارو

کٽ ڀي ٺاهن ٿا هي پياري


ٻهڪن جرڪن رات سموري

دُور ڀڄائن ٿا انڌاري


اُڀ تي آهن ائين ستارا

گلڙن جي آ ڄڻ ڪا ٽاري


تارا سارا مجيب پيارا

روشن ڪن ٿا دنيا ساري
 
Back
Top