تون ڏوهي آن تو ڏوهي آن ____________ هتي شخصيت پرستي به هڪ بت پرستي وانگر آهي ...... _________________________ ڪجه دانشور کاتي ۾ پاڻ کي پهچائيندڙ داناءَ ان خيال جا آهن ته ڪوڙيون ڪهاڻيون گهڙي ناول لکي من گهڙت معاشري جي سوچ ڏيئي سو ٻه سو ڪتاب ڏيئي بس معاشري جا مالڪ ٿي ويهي ٿا رهن مجال آ جو ڪو هنن جي خلاف ڳالهائي مجال آ جو هنن تي ڪو تنقيد پسند ڪري .....جن معاشري کي اڌ مئو ڪري ڇڏيو پنهنجن دڪيانوسي خيال ونڊيدي ورهائيندي اهي خيال جيڪي نه هن ڌرتي جي اسلوب ۾ هئا نه اميد ڪري سگهجي ٿي ...نتيجتن معاشرو هلي پيو اوله ته همرا هلن پيا اوڀر ....ڪٿي ميلاپ ٿي بس چند خوشامدي ماڻهو پاڻ سان سدائين ساڻ ڪيو وتندا پنهنجي تعريف ۾ گيت چورائيندا ....بس ننڊ ۾ به هنن کي پئي مسڪراهٽون اينديون ته اڄ ڪيترو نه ماڻهن هنن جي بخيل سوچ جي تعريف ڪئي هجي ڀل بيڪار پر مجبورن ماڻهو کي سوچن ۾ قيد ڪري پيا روحن جا قتل ڪندا ڪجه ته ٻاهرين دنيا کي گهمي گهمي انهن غير فطري يارن جو پيسو خرچ ڪري ملڪ گهمي پيا ديس جي دودن تي ٺٺوليون ڪندا ۽ پاڻ فخريه انداز ۾ ڪن ملڪن جو حوالو ڏيئي ڪوڙي سچي ڳاله منطق جي مهانڊن سان پيا دولاب ڏيندا ....سائين هتي ته هيئن هوندو هيو هتي ته هي نه آهي ....سامعين ويچارو ابتا سبتا حوال ٻڌي وات منجها گڦ وهائي ساڻو ٿي پوندو ...۽ هو تاءُ ڏيئي وري وري تاڻجي پيو ترڇو ڏسندو .....۽ پيو اجايو سيٽبو ...... پوري پوئين ٽهي کان سوال آ ته جن ڪهاڻيون لکيون اهي ڪيترو هن معاشري جي عڪاسي ڪئي يا ان معاشري جي ڀڃ ڊاه ڪئي آ انهن ڪهاڻين ناولن لکڻ جو ڏانءُ نه پر معاشري جي گهرج مطابق لکڻ ڪنهن ڪيو ڪو ٻڌائي پو توڙي جو هي ريڊيو تي ڊرامه هجن يا ٽي وي تي ڊرامه هجن بس اهي ماڻهن سان ڊرامه ئي لڳا ...... هاڻي اهي ٻتاڪون نه هلنديون دنيا هاڻي آڱرين تي اچي وئي آ اڃا معملو ٿي ئي نه ٿو دنيا پوري باخبر ۽ هر ملڪ جو احوال اڳيان پيو آ ڪو به ڊاڙون ٻٽاڪون نه هڻي سگهندو ...... يار دانشور صدين جي سوچ رکندو آ هو ماضي حال مستقبل جي نبض تي هٿ رکي پيو ساه کڻندو آ هي اجايا سجايا بگاڙ نه ڏيندو آ جو پڙهڻ کان پو مٿو پيو چڪرائي يا وڃي خود ڪشي ڪري يا ڪنهن کي ماري موت ڏي يا ٻيو ڪجه يا ان ناول پڙهڻ کان پو وتي ڳوليندو ان ناول مطابق پنهنجي يار جنهن کان بنا هن جي ننڊ حرام ٿي وڃي ..... يار هن معاشري سان جيڪا ويڌن ڪئي وئي آ جيڪو ظلم ڪنهن ٻي ڪيو آ اوترو ئي تون به ضميوار آن تنهنجي ڪهاڻي کان پو مايوسي وڌي آ تون اهي اسلوب ڏنا آهن جيڪي هن معاشري جا هيا ئي نه ۽ وتين ٿو مثال ڏيندو رشيا جا آمريڪا جا يورپ جا ...... تنهنجي ڌرتي ۾ ڪهڙي ادب جي ضرورت آ تون ان کان واجهيل رهين اڃا رهيو سهيو پاڻ ۾ ڄنڊا پٽ ڪرائي پورائو ڪري ڇڏيو جيڪو دشمن چاهيو سو تو ڪيو ڏار وجهڻ ڌڪار پيدا ڪرڻ چوري زوري ۽ بي هودگي جا پردا ۽ عنوان آزادي جي نالي لڇڻ گم ڪرڻ ڪنهنجي ڪم جي .........هو موئن جي دڙي ۾ اڄ به آثار اشارا پيا ڏين ته هي سنڌ ڌرتي دنيا کي واڳ وٺي پئي هلايو .....اڄ تون هن معاشري جي ماڻهو کي يورپ آمريڪا ۽ روس جي روش پيو سيکارين ڪنهن جي منشا تي لينن ماوئزي ۽ مارڪس جا مطلب هت نه هلندا ته پو ڇو اڌ صدي تباه ڪري ڇڏي تو هن ڌرتي سان ويساه گهاتي ڪئي آ تون ڏوهي آن تون ڏوهي آن ..........جاري