خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / اربع 11 مئي 2016.

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* فريال ٽالپر جوش ۾ تقرير ڪندي بلاول کي ”شهيد“ قرار ڏئي ڇڏيو(خبر)
* * شايد بينظير وانگيان، بلاول تي به سياست ڪرڻ چاهي ٿي (تبصرو)

* گرينڊ الائينس سنڌ جي اشوز کي اهميت نٿي ڏئي: سربراهه جلال شاهه (خبر)
** سنڌ جي مسئلن جو پير پڳاري سان ڇا؟ اها ڳالهه ويچاري مهتاب اڪبر راشديءَ کي به سمجھه ۾ ڪونه ايندي (تبصرو)

* وزير ۽ پارٽي اڳواڻ ڪرپشن جا پاڻ ذميدار آهن: سنڌ سرڪار(خبر)
* * البت وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي مٿن پيار ڀري نظر جاري رهندي (تبصرو)

* عمران خان، ڪوڙ واري فيڪٽريءَ جي قبضي ۾ آهي: پرويز رشيد (خبر)
* *..۽ پرويز رشيد وري چمچاگيريءَ واري فيڪٽريءَ جي قبضي ۾ آهي (تبصرو)

* وزيراعظم نواز شريف احتساب کان فرار چاهي ٿو: خورشيد شاهه (خبر)
* * فرار؟ جھڙي ريت زرداري ڪرپشن جي ڪيسن کان فرار چاهيو آهي (تبصرو)
 
Back
Top