ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
ماڻهون سادا پر محبت وار
محترم سائين عبدالقادر جوڻيجو

هي ڊرمو جوڻيجي صاحب شايد اڄ کان تقريبن 20، 25 سال پهرين لکيو هو ۽ هن ڊرامي ۾ جوڻيجي صاحب اهيو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته توهان ڏسو ته هنن سنڌ جي ماڻهن ۾ ڪيتري نه سادگي آهي پر هي ماڻهون من جا مڻيادار سچا ۽ محبت ڪرڻ وارا ماڻهون آهن، هنن ۾ ڪيتري نه محبت ۽ دل جو خلوص آهي توهان هن ڊرمي کي غور سان ڏسو ته توهان کي خبر پوندي ته هن ڊرامي ۾ هڪ عورت (سڪينه سمون پنهنجي مڙس جي هر خوشيء لاء پنهنجي خوشي قربان پئي ڪري، ۽ پنهنجي ور سان ڪيتري نه محبت ظاهر ٿي ڪري، ان کان علاوه توهان اهيو ڏسو ته جڏهن ڀورو مراد علي خان صاحب سان چڙي ٿو ۽ هن کي مارڻ لاء تيار ٿئي وڃي ٿو، ۽ ان جي ڪري مراد علي خان ڳوٺ ڇڏي ٿو وڃي، پر ڀورو ( توڙي جو مٿس ڪاوڙيل آهي ) پر تڏهن به کيس پرچائڻ لاء ڀوري وٽ ريلوي اسٽيشن تي پهچي ٿو، ۽ هر ڳالهه هر حساب ۽ هر ڪاوڙ ڇڏي ڏئي ٿو صرف ان لاء ته ڀورو ڳوٺ ڇڏي نه وڃي، ۽ آخرڪار ڀوري کي پرچائي ڳوٺ وٺي ٿا اچن، ۽ سندس ڳوٺ وارا به پنهنجي هر ڪاوڙ ختم ٿا ڪن صرف مراد علي خان جي ڳوٺ ڇڏي نه وڃڻ جي ڪري، ((خبر به نه آهي اهي محبتون ۽ سچايون ڪيڏانهن ويون،))
( هن ڊرامي تي ڪن غير سنڌين ناسمجهن ماڻهن ٽوڪون به ڪيون هيون ته سنڌي ههئڙا آهن، ۽ ڄٽ آهن وغيره وغيره، پر انهن ناسمجهن انهيء ڊرامي مان اهيو سبق نه پرايو ته هنن ماڻهن ۾ ڪيڏي نه سادگي آهي، ۽ سچائي آهي، ۽ هنن ۾ هنن وانگر مڪاري چالاڪي بي ايماني، ٺڳي، ۽ دل جي کوٽائي بلڪل ڪانهي۔۽ هي جهڙا اندر آهن تهڙا ٻاهر هي ائين نه آهن ته اندر ڪارو ڪانوِ ٻاهر ٻولي هنج جي، ) سنڌ سلامت جا دوستو ڪجهه عرصو پهرين هن ڊرامي جي هڪ وڊيو سائين محترم رشيد سمون صاحب هت سنڌ سلامت تي ونڊ ڪئي هئي پر مان توهان لاء هي سائين عبدالقادر جوڻيجو صاحب جو لکيل ڊرامو ( ڇوٽي سي دنيا ) پورو ونڊ ٿو ڪريان، جنهن کي ڏسي ڪري توهان اهيو اندازو لڳايو ته سنڌ ۾ ڪافي اهڙا ماڳ هئا جتي باوجود سادگي جي ڪيڏي نه محبت هئي۔ جيڪا شايد هاڻ ناهي رهي۔ جنهن جو جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي،
http://www.youtube.com/watch?v=olpI-mOdTOM&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=IsUJhOpND3E&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=36FkFM8xysQ&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=-YZorHX9sv0&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=AKhczao3ddo&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=4QofklCVqxQ&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=Ht1cKFU7yKk&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=7bl65sf1x1Q&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=SZvuqONIQLg&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=0u1XLmeXbpI&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=o-3t1oWE4oA&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=qfOpc1zhtto&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=1pUbfZ4pcQ4&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=Hw9ZfF3T_I4&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=HOQfE7I_cFE&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=VHBxOP_aMC4&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=kJtxwg8V1rI&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=jNGTy3P-l-U&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=1jJYrLu6HhY&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=ZClkGr2ImII&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=ggnljcEHlx8&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=2EIbAZ35n54&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=p_JNWNlq9W8&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=wwOwVx6ZWG4&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=Q0bjYwH1kKk&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=ge8iljSw9OM&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=KMY5EaXM6vc&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=5toYrWIwv88&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=7Rak7yXBspY&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=7n6H4wzwKwE&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=ts6QYzzREE8&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=ITja_mz1voQ&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=nr4kLW1b-lc&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=Uf61LAplD7o&feature=related