انسانيت زنده آباد باقي سڀ مڙده باد.....

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏11 مئي 2016۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    انسانيت زنده آباد باقي سڀ مڙده باد
    ___________________________
    هاڻي اسان جا ڪجه دوست صوفي هن خيال جا آهن ته ادا انسانيت سڀ کان وڏو فڪر آ ۽ انسانيت ئي سڀ مسئلي جو حل آ مذهب وغيره اجايا آهن ملان مولوي ته آهن ئي بيڪار وقت جو ذيان بس انسانيت جي ڳاله ڪرڻ گهرجي ....ڳاله ته وزن واري آ انسان ٿي انسان جي ڳاله نه ڪري ته پو اهو صحيح ادراڪ نه آهي ....
    اسان به ان خيال جا آهيون ته انسانيت جي ڳاله ڪئي وڃي ۽ انسان انسان جي ڀلي لاءِ ڪتب اچي ته پو هي تضاد ڇاجو آهي .......اچو ته گهرائي ۾ سوچون ڪجه لوچون
    انسان کي الله تعاليٰ ڪن جي مدد سان پهرين هڪ جاءِ تي سڀ روح خلقيا جن کان واعدو ورتائين ته ڇا مان توهان جو رب آهيان ....سڀني هڪ آواز چيو قالو بليٰ ....يعني بيشڪ تون ئي رب آهين .....
    وقت گذريو انسان بي جان مٽي منجهان جوڙيو ويو ان ۾ روح وڌو ويو ۽ چرندڙ پرندڙ بڻايو ويو ....۽ ڪئي وقت جنت ۾ رهيو ان جي کٻي پاسي منجها ڏاڏي حوائي پيدا ڪيائين ۽ پو ٻنهي جو ميلاپ جي سمڪ ڏنائين ۽ انهن جي محبت منجها باقي انسان نسل در نسل جوڙيائين .....هي الله جو انسان کي ٽن طريقن سان پيدا ڪرڻ بلڪل سچ ۽ حق آ هن ۾ ڪو شق سبهو نه آهي ....ان جي تصديق سائنس به ڪري ڇڏي آ سو هاڻي ان سوچ ۾ ڪو تضاد نه آهي ......
    الله جا احسان ته ڏسو ان بندي جي رهنمائي لاءِ سوا لک انبياءَ جو هڪ سلسلو آڻيندو رهيو ۽ انسان ناطق کي نٻل اڪيلو نه ڇڏيائين هر وقت هر شيءِ جي سمجه سوجه ڪرائيندو رهيو.....ڪڏهن ڪهڙا حڪم ته ڪڏهن ڪهڙا فرمان پر انهن ۾ سڀ هڪ جهڙا ڪلمي جو منڍ هيو سڀ نبي وٽ لا الاه الله ساڳو رهيو پر ان سان آخري حصو يعني ان نبي جو رسول يا نبي ٿيڻ جي تصديق ان ڪلمي جي پويان جوڙي وئي جيئن لا الٰه الله آدم صفي الله ....لا الٰه الله موسيٰ ڪليمه الله ...لا الٰه الله عيسيٰ روح الله ...۽ پو لا الٰه الله محمد الرسول الله ....آيو جيڪو آخرت تائين قيامت تائين جو حڪم آهي .......هي سڀ ان ڪري ٻڌايان پيو ته جيئن ڳاله جي اصل کي سمجهي سگهجي ....
    ها يار اسان کي هي نه گهرجي نبين جي ڳاله ته ساڳي اها ملان واري آ تون ڪهڙي ڳاله چوڻ ٿو چاهين اهو ٻڌاءِ اسان جي لاءِ انسانييت وڏي ڳاله آهي ...اهو خيال هي پرحڻ وقت ضرور توهان کي ايندو ....
    ها سائين بلڪل توهان بجا آهيو جيڪا ڳاله مان چوڻ وڃا پيو اها هن شيءِ کي نه سمجهڻ کان سواءِ ڀيڄي ۾ نه ويهندي .....
    هاڻي الله تعاليءِ انسان جو خلقيندڙ ۽ ان جي ڀلائي پڻ چاهيندڙ آهي سو انسان کي سمجهائيڻ لاءِ وقت به وقت پنهنجا ابنياءَ مقرر ڪندو رهيو ۽ انهن جي رهبري ۾ پوري انسانيت پنهنجو وسارييل قول ،واعدو الله سان ته تون بيشڪ اسان جو رب آهين ياد ڪرائي انسانيت تي احسان ڪندو رهيو آهي ...سو هي دنيا عارضي آهي هي دنيا عملن جي دنيا آهي هي دنيا آزمائش جي دنيا آهي هتي ڪو به هميشه نه رهندو پر هتي جيڪا عمر رهندو تنهن جي گذاريل گهڙين جو الله حساب وٺندو ته اي بنده تون پنهنجو قيمتي وقت ڪيئن گذاريو ۽ ان پنهنجي ۽ پاڻ جهڙي انسان لاءِ نيڪ خواهشات جو عمل ڪيو يا نه يعني ته هن انسانيت جي ڀلائي يعني آخرت ۾ ڪاميابي جو اونو ڪيو يا نه جنهن لاءِ انبيائن کي ضميواري ڏيئي پئي موڪليو ويو ۽ هاڻي ته اهو سلسلو به بند آهي ته پو امر بال معروف ونهي عن المنڪر جو ڪم هن ئي انسانن کي ڪرڻو آ جيڪو اصل ۾ هڪ ٻي جي ڀلائي آ بهتري آ سٺائي آ دوستي آ پيار آ پاٻوه آ چڱائي آ ۽ اها چـڱائي انسان سمجهي ئي نه ٿو جنهن لاءِ هي ملان مولوي تي ڪاوڙ ۾ ڀريل آ ته هو ڇو فلاح جي ڪم لاءِ ڏينهن ۾ پنج وقت سڏي ٿو سو به مسجد ڏانهن جيڪو هڪ پاڪ جاءِ الله جي عبادت لاءِ آهي جنهن ۾ نماز پڙهڻ جو احتمام اسان جي پياري پيغمبر به ڪيو ۽ الله جو حڪم به آهي نماز صرف پڙهڻ نه پر ان جي روحاني ڪيفيت کي سمجهڻ به ضروري آهي جنهن ۾ بنوع نوع انسان لاءِ ڀلائي جو سبق آهي ....اهو ائين ته هي دنيا جنهن ۾ 70 يا 80 سال يا 100 سال ڪري کڻي چئون جيئڻ آ پر ان کان پو جو جيئڻ جنهن ۾ هميشگي هوندي ان جي تياري نه ڪرڻ ۽ نه ڪرائڻ انسانيت سوزي آ انسانيت سان دشمني آ انسانيت سان ويساه گهاتي آ .......ڪو به هن مطلق سوال هجي ته بيشڪ پنهنجو سمجهي ضرور ڪندا هي انسانيت جو ڀلو چاهيندڙ اوهان سان هر سوال جي جواب ڏيڻ جو پابند آهي .....الله شل سمجه ڏي ۽ پنهنجي هدايت ڏي ته جهالت کان بچون ۽ ان رب جي ڄاڻ حاصل ڪريو جنهن ايڏا ٿورا ڪيا رهنمائي ڪئي قرآن آخر ۾ ڏيئي مڪمل دين ...يعني زندگي گذارڻ جو طريقو سمجهايائين ڏوه ثواب ،جائز ناجائز ،حلال حرام جي پرک ڏنائين .....شل الله ڪمي ڪوتاهي معاف فرمائي ....دعا جو طلبگار
    هڪ مسلمان هڪ انسان
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو