پالي نه پرور ته پالي ٿو ڪير؟ شاعر: مولوي حاجي احمد ملاح نه پالي ٿو پرور،. ته پالي ٿو ڪير؟ سنڀالي نه سو، پوء سنڀالي ٿو ڪير؟ کڻي پاٽ مان جو، وجهين پيٽ ۾، نون تنهن نالين مان، نڪالي ٿو ڪير؟ ڪڪر ريت ڪهڙي، ولهارن وسن! بيهن دم وري دم، ڌڪالي ٿو ڪير؟ هلن ڪي هوا۾، سرن ڪي سرن، منجهان جر جهازن کي، ٽالهي ٿو ڪير؟ سدا گرم سج آهي،. ڪهڙي سبب؟ دّمادم ڌّوّڻ کي، ڌمالي ٿو ڪير؟ لُکن ۾ لکين.، لال لُوساٽجن، سياري ۾ سڀ ڪنهن کي ٺالي ٿو ڪير؟ جڏهن تون سمهين، پڻ سپاهي سندئي، حريفن کي توتان، هڪالي ٿو ڪير؟ بدن اڳ بنئي، پوء به باقي بدن، ڪڍي روح، يا روح ڊالي ٿو ڪير؟ فنا فوج، فرعون، نمرود ناس، بنان ذات جبار جي جالي ٿو ڪير؟ اڏيندا ڇڏيندا وڃن ڇٽ ڇڳير، ڪري هي حويليون، حوالي ٿو ڪير؟ ويا ۽ وڃن پيا، نه واريا ورن، نگاه ڪر ته ناگاه نالي ٿو ڪير؟ احد ساڻ ''احمد ''، جو عّهدو الست، ٻٌڌي ٻيون نه ڳالهيون، ته ڳالهي ٿو ڪير؟
هٽ هٽ حبيب آيو.... مولوي حاجي احمد ملاح رح هٽ هٽ حبيب آيو، هوڪو هٽي هٽي ۾، گوهر گلاب گل ڦل، گهُورون گّهٽي گهٽي ۾، رڻ راه رس رهاڻيون، وه واه منجه وهاڻيون، ڪي قرب جون ڪهاڻيون، ڍٌٽ پٽ ڍٽي ڍٽي ۾، طوطن نيون تنوارون،. ڪونجن ڪيون قطارون، چُريم طلب جون تارُون، هِن دِل ڦّٽي ڦٽئ ۾، سِيمين ساق ساقِي، ڀرپور جام باقي، ماڻيم مزا مُلاقي، وَر وَر وَٽي وٽئ ۾، گهورُون گوهر گهرن مان، درسن پسن درن مان، کاڌا گهڻن کرن مان،. چابُڪ چٽِي چَٽئ ۾، ٻي ساڻ ڪم نه ڪوئي، چڙهندي ئي چئي چڪوئي، 'احمد '''الف يڪوئي، پڙهيم پَٽي پٽئ ۾