خــبـــرن تــي زبــــرون ؛ 11 مئي،2016ع ·قلابازي جي بادشاهه عمران خان اڄ چيو آهي ته ڪميشن جي ضرورت نه آهي: دانيال عزيز لوٽا بازيء جي بادشاه جا به ته پيرا کڻو . (تبصرو) * ڪرپشن ملڪ کي اُڏوهي جيان کائي رهي آهي: عمران خان وارو ڪريو،اڏوهيء مٿان ٽهڪندڙ پاڻي وجھو. ( صلاح) ·اپوزيشن پاناما ليڪس معاملي تي وزير اعظم لاءِ 7 سوال تيار ڪري ڇڏيا(خبر) جيڪو ستن سوالن جا جواب نه ڏيئي سگھيو سو سزا طور ست دفعا اٿ ويھه ڪندو. (سزا ۽ جزا) ·پيپلز پارٽي جي سٺن ڏينهن جو دور شروع ٿي چُڪو آهي بلاول ڀٽو زرداري) لڳي ٿو ته ننڍڙي کي اڃا تائين کوه ۾ پيل مئل گڏه نه ڏيکاريو ويو آهي.(اندازو) ·سنگين غداري ڪيس: پرويز مشرف اشتهاري قرار. (خبر) اخبارون اهڙين اشتهارين جي باري ۾ اشتهار نٿيون ڇاپين ڇا؟ (پاڪستان ۾ ويٺل پرويز کان سوال) ·بلاول انهن جو دوست بڻجي ويو آهي جن ان جي والده کي ڏک رسايو: ( پرويز رشيد) ۽ جن ميان صاحب کي هٿڪڙيون هنيون انهن سان اوهان اهڙو حشر ڪيو جو ياد رکندا ! مينهن پنهن جي ڪاراڻ ڏسي ڪانه، ڳئون کي چوي هل پڇ ڪاري! ·فريال ٽالپر بلاول کي ” شهيد“ چئي ڇڏيو (خبر) خدانه ڪري، وري ڪنهن شهيد جي ضرورت آهي جو ايندڙ اليڪشن کٽي سگھجي.( تبصرو) http://sindhsujag.blogspot.com/2016/05/11-2016.html