• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاعريء جي زبان؛نوَ نشانيون نـُـور جون، عاشقن آهين (سائين روحل فقير)

shafique shakir

سينيئر رڪن
SJZ%2BNew%2Bnawa%2Bnishanio%2Bnoor%2Bjoon.jpg


شاعريء جي زبان؛نوَ نشانيون نـُـور جون، عاشقن آهين
شاعر ؛ سا.ئين روحل فقير


نوَ نشانيون نـُـور جون، عاشقن آهين:

هڪڙي ويهن واٽن تي، ٻيو کائڻ نه کائين،
ٽيون سر سڀ ڪنهن اڳيان، ٿا نميو نوائين،
چوٿون ٻڌي ڪنن سان، وري نه ورجائين،

پنجون پھ پرينءَ سان، ٿا پـَـڪو پچائين،
ڇهون ڪـُـڇن ڪينڪي، ناتو نباهين،
ستون سڪ سڄڻن جي، ٿا لنؤ لنؤ لڳائين،
اٺون ڳالھ عجيب جي، ٿا واري ورجائين،
نائون ننڊ نيڻن کي، ٿا جودؤن جاڳائين،
تڏهن سيبائين، ”روحل“ دوساڻـِـي درٻار ۾.


http://sindhsujag.blogspot.com/
 
Back
Top