با عمل با ڪمال ڪردار استاد نور محمد ڪورائي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ مجيب سنڌي ڪورائي طرفان آندل موضوعَ ‏12 مئي 2016۔

  1. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    299
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    [​IMG]
    مجيب سنڌي

    سهڻي سنڌ ڌرتي عظيم ڪردارن سان ڀري پئي آهي، ڪيتريون ئي عظيم شخصيتون ٿي گذريون آهن جن علم جي شمع کي پنهنجي هڙان وڙان روشن ڪيو آهي، انهن عظيم ڪردارن جي لسٽ ۾ اسان جو محترم سائين استاد نور محمد ڪورائي به شامل آهي، جنهن جو ڪردار ۽ ڪم ڪنهن کان به ڳجهو ناهي، ضلعي شهيد بينظير آباد (نواب شاهه) جي تعلقي دوڙ سان تعلق رکندڙ استاد نور محمد ڪورائي پنهنجي ڦوهه جواني کان وٺي پنهنجي تر جي مختلف اسڪولن ۽ مسجدن ۾ علم جي شمع کي روشن ڪري رهيو آهي، ڪيترن سالن تائين استاد سائين نور محمد ڪورائي سرڪاري نوڪري جي ڪوشش ڪئي پر غربت ۽ سچائي سبب کيس ڪنهن به اسڪول ۾ سرڪاري طور ملازمت نه ملي سگهي، پر پوءِ به هن مرد مجاهد پنهنجي دلچسپي واري ڪم کي ڪين ڇڏيو ۽ هن وقت جهور پوڙهو ٿي وڃڻ باوجود پنهنجي نيڪ نيتي سان علم جي شمع کي روشن ڪري رهيو آهي.
    مون کي چڱي ريت ياد آهي ته بچپن ۾ اسان جي تر جي مختلف ڳوٺن ۾ استاد سائين نور محمد ڪورائي ڳوٺن جي گهر گهر وڃي ٻارڙن کي اسڪول ۽ مسجد ڏانهن وٺي ويندو هو ۽ مسجد توڙي اسڪول ۾ ٻارڙن کي سبق پڙهائيندو هو، استاد سائين جي اها جستجو ۽ سچائي ڏسڻ وٽان هوندي هئي، سرديون هجن يا گرميون استاد سائين پنهنجي فرض نڀائڻ ۾ سستي هر گز نه ڪندو هو، پنهنجي تر جي هر نوجوان کي همٿائيندو هو، پڙهائيندو هو اڳتي وڌڻ جو درس ڏيندو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي نوجوانن دل لڳي سان پڙهائي ڪئي ۽ استاد سائين نور محمد ڪورائي جي محنتن ۽ دعائن سان وڏن عهدن تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيا.
    استاد نور محمد ڪورائي هڪ جاکوڙي ۽ محنتي استاد سان گڏوگڏ هڪ بهترين نعت خوان پڻ آهن، کيس ڪيتريون ئي مشهور نعتون ياد آهن جيڪي مختلف پروگرامن ۾ پڙهندو رهي ٿو، سندس سياسي وابستگي جي يو آءِ (ف) سان رهي آهي، نوجواني کان وٺي اڄ تائين سندس تنظيمي حوالي سان ڪردار کي ڪير به وساري نه ٿو سگهي، تنظيمي ڪمن جي سلسلي ۾ پڻ هن مرد مجاهد پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪيا آهن، آسپاس جي ڳوٺن ۾ هن جي محنت ۽ جستجو سبب ڪيترائي ماڻهو تنظيم جا ميمبر پڻ ٿيا ۽ هن وقت مختلف ڳوٺن ۾ تنظيمي پروگرام پڻ ٿيندا رهن ٿا.
    هن وقت استاد سائين نور محمد ڪورائي مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن، سندس اکين جي بينائي پڻ گهٽجي وئي آهي، ان کان سواءِ ڪيترن ئي موذي مرضن پڻ استاد کي جهوري وڌو آهي، سندس بيمارين جو علاج ته هلندڙ آهي پر هن مرد مجاهد جي علاج لاءِ ڪنهن به سرندي واري ڪو ڪردار ادا ناهي ڪيو ۽ نه ئي وري سرڪاري اسڪولن ۾ پنهنجي سڄي زندگي ارپڻ جي بدلي ۾ سندس سرڪاري طور ڪو علاج ڪرايو ويو آهي، ڌڻي در دعا آهي ته الله پاڪ استاد سائين نور محمد ڪورائي کي مڪمل صحتياب ڪري، سدا سلامت هجي سدا سکيو هجي.
     
  2. شاه محمد سڌايو

    شاه محمد سڌايو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 اپريل 2016
    تحريرون:
    85
    ورتل پسنديدگيون:
    100
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ادا اهڙن مجاهد مردن جي دم سان ئي اسان جي سونهاري سنڌ جرڪي پئي .استاد سائين کي سندس محنتن جو سِلو رب سائين پنهنجي گنج مان عطا ڪندو.الله پاڪ سائين کي صحت عطا فرمائيندو (آمين)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو