• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي /جمعو 13 مئي 2016 / محمد خان سيال

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* 12 مئي کي واقعي جو ذميدار جنرل مشرف آهي: سرڪار ڌُر (خبر)
* * مشرف کي ٻاهر وڃڻ جي اين او سي ڪهڙي منهن سان جاري ڪيوَ (تبصرو)

* قيوم سومري جون دبئيءَ ۾ ملڪيتون (خبر)
* * ڏينهن رات زرداريءَ جي ”چمچاگيري“ ڪرڻ جو اصل ڪارڻ (تبصرو)

* اپوزيشن ڪوڙ هڻي رهي آهي، وزيراعظم سچ ڳالهائيندو: پرويز رشيد (خبر)
* * ڪڏهن ڪڏهن ته سچ ڳالهائيندو ڪر، ”ڪوڙا قيصر لُنڊ“ (تبصرو)

* اڇڙيَ ٿر ۾ ڪيترا کوهه سڪي ويا، پاڻي اڻلڀ (خبر)
* * ٿر وانگيان، اڇڙي ٿر ۾ به ڀلي پيا ٿري مرن، وڏي وزير جو ان سان ڇا؟ (تبصرو)

* ٿرپارڪر جي 320 يونين ڪائونسل جي سيٽن مان 265 پ پ پ کٽي ورتيون (خبر)
* * سنڌين سان نفرت ڪندڙ جنرل مشرف جي چمچيَ ارباب رحيم کي صدمو!! (تبصرو)

* پراڻيَ جتوئيءَ ۾ اسپتال 16 ورهين کان بند (خبر)
* * نواز شريف جو وزير مرتضى جتوئي پنهنجي تڪ کان ايڏو بي خبر ڇو؟ (تبصرو)

* ڪيَ اليڪٽرڪ رڳو 4 پيسا في يونٽ گھٽائڻ جي درخواست ڏني (خبر)
* * رڳو 4 پيسا في يونٽ ؟عوام آڏو اهڙا ناٽڪ بند ڪريو (تبصرو)

* بلاول ڀٽو زرداري سياسي نابالغ آهي: پرويز رشيد (خبر)
* * پرويز رشيدَ! ڀلا، اوهان کي ڪيئن خبر پئي ته هو ”نابالغ“ آهي؟ (تبصرو)

* پاڪستان ۾ هڪ نرس تي 1500 ماڻهن جو اضافي بوجھه (جنگ اخبار) (خبر)
* * هڪ نرس تي 1500 ماڻهن جو بوجھه ! ڪا چڱي ٻولي ته استعمال ڪريو(تبصرو)

* ڀارت ۾ هندو ڪُٽنب طرفان سومنات جي مندر لاٰءِ200 ڪلو سون عطيو(خبر)
* * اسلام کي گاريون ڏيندڙ سنڌي قومپرست انهيءَ تي تبصرو ڪن ! (تبصرو)
 
Back
Top