• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪجه بره جا بيت، دهڙا....

ڪجه بره جا بيت
__________
جهڙو منهنجو ديس دلبر تهڙو ٿو گهران
اندر عشق اران سڙان پڄران پيار لئه ....
..........................
جهڙو منهنجو وطن تهڙي سڪ سران
چاهت چاه چران بي وس باندي ڪين ٿيان
...........................
جهڙي منهنجي ڌرتي ٿئي شال سرتي
ڏسي ڏک لهي پون وندر جا ورتي
پيار سڀ پرتي محبت مان موکيان
.......................
جهڙ جهڙالو جيءُ وسڻ ڪان وارا ڪري
اکين مجهان مينهن ڪڪر قرب ڪري
يادن ڪانڀ ڪڍي هيئڙو پيو حري
سدان سڪ سري ساجن تنهنجي ساه لئه
......................
اکين اڇنگاريون وڌيون رنا نيڻ نارا ڪري
يادن جي يلغار ٿي درپن ديد بره ڀري
اوو اسان جي نه سري الفت اڪري آس ۾


رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top