رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
اڃا آرات نه ٿي پرڀات
_________________
اڃا آرات نه ٿي پرڀات ڇو توکي سانگو آ سڪ جو
مري ٿي ڪين محبت مات پڇي ٿي دل اڃا هڪ جو
خواهش ٿي ختم سڀ وئي ڏٺو سين ڏيه ڏيساور
ترڇي تانگه تڙپي پئي هلي پيو کيل لڪ لڪ جو
اڙي نادان دلڙي تون وئين آهين لڳي ڪنهن سان
چري تون ڇو ڪئي چاهت لڳي ويو توکي ڀي ڌڪ جو
سدان سوچن ۾ سڪ ساري گذاري تو وهي پنهنجي
ڪرين ٿي تانگه تون جنهن جي اهوٿي ڌوڪو هت پڪ جو
سڄي ساري وئي گذري عمر هن کي سنڀاريندي
نه پل ڪي پيار جا مليا هيو ڪو کير ڄڻ اڪ جو