• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

’ائنڊرائڊ سمارٽ فونن‘ ۾ سنڌي لکڻ لاءِ ڪيبورڊ انسٽال ڪرڻ جو طريقو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
’ائنڊرائڊ سمارٽ فونن‘ ۾ سنڌي لکڻ لاءِ ڪيبورڊ انسٽال ڪرڻ جو طريقو

شبير ڪنڀار

ائنڊرائڊ سمارٽ فونن تي سنڌيءَ سميت ٻيون ڪيتريون ئي ٻوليون لکڻ جي صلاحيت رکندڙ ’ملٽيلنگ‘ ڪيبورڊ ائپ، جنھن ۾ تمام ٻولين لاءِ جداجدا ڪيبورڊ ھڪ ئي وقت موجود آھن. هن ائپ جي انسٽاليشن کانپوءِ استعمال هيٺ، ٻولين لاءِ ڪيبورڊ مٽائڻ بدران رڳو، اسپيس بار تي ’لانگ پريس‘ ڪبو تہ آپشن ٽئب کُلندو جنهن مان هڪدم گهربل ٻولي تي ٽيپ ڪرڻ سان، ان ٻوليءَ جو ڪيبورڊ اچي ويندو، فقط ايتري سٽاءَ کانپوءِ اها ٻولي لکي سگهبي. اھڙي سولي سٽاءَ کي لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪجهہ بنيادي ڄاڻ ھجڻ ضروري آھي، ان مقصد کي ڌيان ۾ رکندي ھي تفصيلي ’سکيا نوٽ‘ تيار ڪيو اٿم. ھڪ نظر ڌيان سان پڙھو ۽ ٻڌايل طريقي تي عمل ڪريو. نوٽ: ”مونجهاري کان بچڻ لاءِ ضروري اھي تہ: ھن نوٽ جي، ھڪ ڪاپي ڇاپي، پاڻ وٽ رکو ۽ ضرورت وقت، مددگار طور ان کي ڏسي وٺو“

ڪيبورڊ ائپ لاهڻ ۽ انسٽال ڪرڻ جا، ۳ مرحلا آهن.

پهريون مرحلو - ’گوگل پلي اسٽور‘ تان ائپ لاهڻ ۽ انسٽال ڪرڻ:
  1. ’گوگل پلي اسٽور‘ تان، ائپ لاهڻ (ڊائونلوڊ ڪرڻ) لاءِ پنهنجي فون مان ’گوگل پلي‘ کوليو.
  2. ڳولا واري خاني (سرچ بار) ۾ multiling o keyboard لکو.
  3. انسٽال (Install) جي بٽڻ تي ٽيپ ڪريو.
  4. ايڪسيپٽ (Accept) جي بٽڻ تي ٽيپ ڪريو.
  5. اوپن (Open) جي بٽڻ تي ٽيپ ڪريو.
  6. کلندڙ صفحي، مان پهرئين آپشن (Enable this keyboard) تي ٽيپ ڪريو.
  7. سيٽنگ وارو صفحو کلندو، هتي Multiling O Keyboard جي آپشن تي چيڪ مارڪ لڳايو.
  8. ڪنهن بہ ٽيڪسٽ ايريا تي ٽيپ ڪري، ڪيبورڊ جي اپيس تي لانگ پريس ڪريو ۽ کلندڙ صفحي تي Language تي وڃو.
  9. کلندڙ صفحي جي ۳ نمبر آپشن [(ابج) Perso-Arabic] تي ٽيپ ڪريو.
  10. ٻولين جي فهرست مان ’سنڌي، سندهی Sindhi‘ تي ٽيپ ڪريو.
  11. ڪيبورڊ سنڌي لکڻ جي قابل ٿي ويو آهي، اسپيس بار تي Add Dictionary جي لنڪ تي ڪلڪ ڪري ڊڪشنري جي Plugin لڳايو.
2880fo5.jpg


ٻيو مرحلو - ’MB Sindhi‘ جي سٽاءَ وارو Keyboard layout لڳائڻ:
  1. سڀ کان پھرين ھيٺ ڪمينٽ ۾ ڏنل منھنجي ڪيبورڊ واري ڪوڊ کي، جيئن جو تيئن ڪاپي ڪريو.
  2. ڪيبورڊ جي، اسپيس بار تي، لانگ پريس ڪريو.
  3. کلندڙ صفحي تي، Layout تائين ڊريگ ڪريو.
  4. کلندڙ صفحي تي، [+DIY] تي ٽيپ ڪريو.
  5. کلندڙ صفحي تي، PASTE تي ٽيپ ڪريو.
  6. اسپيس بار تي، لانگ پريس ڪري، SK-Sindhi ڪيبورڊ تي ٽيپ ڪريو.
  7. ٽيڪسٽ ايريا ۾ ٽيپ ڪري ’سهڻي سنڌي‘ لکو.
wv4ozl.jpg


ٽيون مرحلو: Sindhi Keyboard plugin installation

’سنڌي ڪيبورڊ پلگن‘ ڊڪشنري لاھڻ ۽ ان کي سسٽم ۾ فعال بڻائڻ لاءِ ڪتب اچي ٿي، جنھن کانپوءِ سسٽم صورتخطي چڪاسي لاڳاپيل لفظن جي فھرست جو ڏس آڇيندو آھي، جنھن سان ھڪ تہ لکت جي چڪن کان بچاءُ ٿئي ٿو، ٻيو تہ لکڻ جي رفتار پڻ وڌي وڃي ٿي.

طريقيڪار:

سڀئي سٽائون نمبر وار ھيٺ لکيون اٿم، ھيٺ تصوير ۾ پڻ تفصيلي ڏيک موجود آھي.
  1. ڪيبورڊ جي اسپيس بار تي موجود آپشن Download Sindhi تي ٽيپ ڪريو.
  2. سسٽم اوھان کان، انٽرنيٽ برائوزر جي تصديق بابت پڇا ڪندو، ھتي پنھنجي پسند جو برائوزر منتخب ڪريو.
  3. برائوزر ۾ کليل ويب پيج تي پلگن لاءِ مختلف لنڪ آڇيل آھن، ھتي نمبر 1 ’گوگل پلي‘ واري لنڪ تي ٽيپ ڪريو.
  4. ھي، گوگل پلي اسٽور واري صفحي تي موجود سنڌي ڪيبورڊ پلگن وارو صفحو آھي، INSTALL تي ٽيپ ڪريو.
  5. ھي پلگن لاھڻ کان پھرين تصديقي ڊائلاگ آھي، ACCEPT تي ٽيپ ڪريو.
بس ايتري سِٽاءَ کانپوءِ اوھان جي سسٽم ۾، سنڌي ڊڪشنري پلگن لاڳو ٿي چڪي آھي.

30j71bp.jpg


تہ، بہ، نہ ۽ ھ جي آخري شڪل جو مسئلو:

اسان وٽ خاص ڪري ’تہ، بہ، نہ‘ کي وڏا ڄاڻو پڻ سلسيوار ’ته، به، نه‘ ٽائيپ ڪندا رهيا آهن، ڇاڪاڻ تہ `MB Sindhi`ڪيبورڊ ۾ ’ھ‘ جي آخري شڪل ڪوڊنگ جي لحاظ کان درست جاءِ تي نہ آهي. جنهن کي ڪيبورڊ جي ايندڙ اپڊيٽ ۾ درست ڪيو ويندو، جڏهن تہ سمارٽ فونن ۾ انهي مسئلي جي حل لاءِ هي ڪيبورڊ لي آئوٽ ترتيب ڏنو اٿم جنهن ۾ ب ۽ ن جي ڀر ۾ ھ جي آخري شڪل وارو درست بٽڻ رکيو اٿم تہ جيئن ٽائيپنگ جي اهڙي چُڪ کان بچي سگهجي. سنڌي صورتخطيءَ ۾ ھ جي استعمال سان ڪيترائي لفظ جڙن ٿا، انڪري ھ جو استعمال ٻين اکرن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو آھي. ياد رکو تہ اسان ٻوليءَ جو جيڪو بہ خزانو اڄ ڪمپوز ڪري انٽرنيٽ تي موجود ڪري رھيا آھيون، ان کي سرچ انجڻيون، ڳولا مان گذارين ٿيون، تنھنڪري اسان کي پنھنجي ٻوليءَ جي درست صورتخطي لکڻ گهرجي. ھيءَ ڳالھہ ھيئن بہ سمجهو تہ جيڪر اسان ’تہ‘ صورتخطي ’ته‘ لکنداسين تہ انکي ساڳي نموني (ته) لکنداسين تہ سرچ ٿي سگهندو ٻي صورت (تہ) جيڪا حقيقت ۾ درست صورتخطي آھي لکنداسين تہ ڳولئي ڪين لڀندو. ھي فقط ھڪ لفظ جو مثال آھي، پر اھڙا ڪيترائي لفظ آھن جن ۾ ’ھ‘ استعمال ٿئي ٿي. انڪر ھن طرف ڌيان ڌريو ۽ ٽائپنگ جو خاص خيال رکي، پنھنجي ٻوليءَ جي درست شڪل شبيھ پنھنجي ايندڙ سنڌ تائين پھچائڻ ۾ پنھنجو فرض نڀايو.

2s8ok8w.jpg


ڪيبورڊ جو ڏيک:

n4fddz.jpg


ڪوڊ:
OK_Layout_Begin
Name:SK-SINDHI
1234567890ڏڌ
قصيرتٿعڳوپڇچ
اسدفگھجڪلکڱڍ
زخطڀبہنمئـ
٪’‘ًٌٍُْٰٖ )(
َضِڙٽثغ۽ؤ”ڃڄ
آشڊڦ“حُۡ:؛ـٺ
ذّظءٻهڻ۾ى؟
۱۲۳۴۵٦۷۸۹۰><
!٪][}{_-=|+~
°•؎ؓٗؑؐؒ:؛'"
ﷻﷲ۞ﷺ»«ى/\﷽
OK_Layout_End
 
Back
Top