اانائن ۾ نه اٽڪي پئو

'سنڌي شاعري' فورم ۾ محمد حسن ڏاهري طرفان آندل موضوعَ ‏14 مئي 2016۔

  1. محمد حسن ڏاهري

    محمد حسن ڏاهري
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2016
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    انائن ۾ نه اٽڪي پئو ، حياتي ڌوڙ ٿي ويندي،
    صدائن ۾ نه اٽڪي پئو، حياتي ڌوڙ ٿي ويندي.

    خطا انسان کان ٿيندي،برابر ڳالھ آ ليڪن،
    خطائن ۾ نه اٽڪي پئو، حياتي ڌوڙ ٿي ويندي.

    دعائون پيا ڪريو هردم، وفائون پيا ڪريو هردم،
    جفائن ۾ نه اٽڪي پئو، حياتي ڌوڙ ٿي ويندي.

    گلابن جي پٺيان آهيو،ڪنڊا لڳندا اوس پيارا،
    گلابن ۾ نه اٽڪي پئو، حياتي ڌوڙ ٿي ويندي.

    مدرسن ۽ ملائن کان رهو ڪجھ پرڀرا پيارا،
    ملائن ۾ نه اٽڪي پئو، حياتي ڌوڙ ٿي ويندي.

    پيالن ۾ ڀري امرت، پيا چسڪيون هڻو هردم،
    پيالن ۾ نه اٽڪي پئو ،حياتي ڌوڙ ٿي ويندي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو