اانائن ۾ نه اٽڪي پئو

محمد حسن ڏاهري

سينيئر رڪن
انائن ۾ نه اٽڪي پئو ، حياتي ڌوڙ ٿي ويندي،
صدائن ۾ نه اٽڪي پئو، حياتي ڌوڙ ٿي ويندي.

خطا انسان کان ٿيندي،برابر ڳالھ آ ليڪن،
خطائن ۾ نه اٽڪي پئو، حياتي ڌوڙ ٿي ويندي.

دعائون پيا ڪريو هردم، وفائون پيا ڪريو هردم،
جفائن ۾ نه اٽڪي پئو، حياتي ڌوڙ ٿي ويندي.

گلابن جي پٺيان آهيو،ڪنڊا لڳندا اوس پيارا،
گلابن ۾ نه اٽڪي پئو، حياتي ڌوڙ ٿي ويندي.

مدرسن ۽ ملائن کان رهو ڪجھ پرڀرا پيارا،
ملائن ۾ نه اٽڪي پئو، حياتي ڌوڙ ٿي ويندي.

پيالن ۾ ڀري امرت، پيا چسڪيون هڻو هردم،
پيالن ۾ نه اٽڪي پئو ،حياتي ڌوڙ ٿي ويندي.
 
Back
Top