• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / سومر 16 مئي 2016 / محمد خان سيال

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
*سنڌ ۾ امن ڪرائڻ ۾ جنرل راحيل جو ڪردار آهي: مولابخش چانڊيو (خبر)
* * مولوُ ڄٽ! سنڌ ۾ ڪرپشن جو راڄ قائم ڪرڻ ۾ وري، زرداريءَ جو ڪردار آهي (تبصرو)

* انب موٽائپ ۽ ڪينسر کان بچاءُ جو ڪارائتو حل آهن (خبر)
* *سو سنڌ اندر پيدا ٿيندڙ هزارين قسمن جا انب الله تعالى جي نعمت آهن (تبصرو)

* آئيندي ڪجھه ڏينهن اندر، ڪراچيءَ ۾ گرميءَ جو پد وڌڻ جوامڪان (خبر)
* * ڪيَ اليڪٽرڪ وارا بجلي بند ڪري، اڳ وانگيان هزارين ماڻهو ماري سگھن ٿا (تبصرو)

* نيب جي ڇاپي ڪارڻ حيدرآباد چيمبرز آف ڪامرس جو صدر موٽر سائيڪل تي فرار(خبر)
* * موٽر سائيڪل تي فرار ڇو؟ چيمبرز وارا فرشتا هوندا آهن ڇا؟ (تبصرو)

* الطاف ۽ فاروق ستار سوڌو 1200 ڪارڪنن خلاف دهشتگرديءَ جو ڪيس (خبر)
* * اهڙن دهشتگردن خلاف ڪارروائي ضرور ٿيڻ گھرجي (تبصرو)

* آمريڪا ۽ پاڪستان جو موقف هر مامري تي ساڳيو هئڻ ضروري ناهي: آمريڪا (خبر)
* * هونئن به آقا ۽ غلام ۾ فرق ته هوندو آهي نه (تبصرو)

* نواز شريف استعيفا ڏئي، ڪنهن ٻئي کي وزيراعظم بڻائي: افتخار چوڌري (خبر)
* * پڪ ڄاڻو، نواز شريف مَرندو پر منجو ڪونه ڇڏيندو (تبصرو)

* ميهڙ ۾ زال جي وڇوڙي جي صدمي ۾ پورهيت مڙس دم ڏنو (خبر)
* * “ايسا پيار ڪھان؟” (تبصرو)
 
Back
Top