نثارناز
سينيئر رڪن
ساٿيو جيڪڏهن الله سائين مونکي ڪوڙ نه ڳالهرائي ته اسان وارو انتهائي محنتي ۽ قابل دوست جنهن سنڌ سلامت تي هڪڙو فخريا رڪارڊ قائم ڪيو هُن هڪ مهيني جي اندر 200 کان مٿي موضع ۽ هڪ هزار لکڻيون هن اڱڻ تي ونڊيون سو ادا طاهر سنڌي مونکي نظر ڪونه پيو اچي الله سائين کيس وڏي ڄمار ڏي شل ڪو ڪوسو واءُ نه لڳيس دوستو پليز ان ڳالهه جو ڏاڍو فڪر ٿي پيو اٿم ۔ ته ادو طاهر سنڌي جيڪو چويهه ڪلاڪ هن محبتي اڱڻ کي مچايو ويٺو هوندو هو سو آخر ڪٿي آهي ۔ وارو ڪريو ڙي ادا نثار ابڙا، ادا مست ڄامشورائي ، جادوگر رشيد سمان، ادا زاهد سومرا، ادا ڪاشف احمد، ادا برڪت علي ، هن محبتي ماڻهو کي ڳولهيو ڏس پتو ڳولهي ڏيو، نه ته هن مٺي ڀاءُ جي غير حاضري اصل دل کي رُئاڙي پئي۔