خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / اڱارو 17 مئي 2016 / محمد خان سيال

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* سنڌڙيءَ ڀرسان 3 مور مري ويا، 20 بيمار (خبر)
* * 300 ٻارڙن جي موت تي قائم علي شاهه کي جھُٻو نه آيو ته پکين تي ڪيئن ايندو؟ (تبصرو)

* لاڙڪاڻي ۾ 18 کان 20 ڪلاڪ بجليءَ جي لوڊ شيڊنگ (خبر)
* * ...پوءِ فريال ٽالپر ڪهڙي ”مرض“ جي دعوى آهي؟ (تبصرو)

* اورنگيءَ ۾ نافرمان پٽ، ڏنڊا ۽ قينچون هڻي، پنهنجي ماءُ کي ماري ڇڏيو (خبر)
* * ڇا پنهنجي دل جي ٽُڪر کي، اهڙي ڏينهن لاءِ جنم ڏنو هئائين؟ (تبصرو)

* پ پ پ خلاف سياسي ”انتقام“ جو سلسلو جاري آهي: مولابخش چانڊيو (خبر)
* * مولوُ ڄٽ! جيئن زرداريءَ طرفان عوام خلاف ”نفرت“ جو سلسلو جاري آهي (تبصرو)

* سنڌ جي وڏي وزير طرفان سنڌ ۾ ڊگھي لوڊ شيڊنگ تي افسوس (خبر)
* * سياسي بيان لڳي ٿو نه ته قائم علي شاهه جو عوام جي تڪليفن سان ڇا؟ (تبصرو)

* سنڌ سرڪار، ترقياتي بجيٽ مان 52 سيڪڙو فنڊ ڪتب آڻڻ ۾ ناڪام (خبر)
* * سارو آصف علي زرداريءَ جي بي انتها ڪرپشن جو ڪمال آهي (تبصرو)

* وزيراعظم جي پروٽوڪول آفيسر کي عشق مهانگو، عورتن جي ڀائرن ٺاهوڪي ڦيهه ڪڍيس (خبر)
* * انشاءَالله عوام هڪ ڏينهن ”پنجاب جي وزيراعظم“ نواز شريف کي به ٺاهوڪي ڦيهه ڪڍندو (تبصرو)
 
Back
Top